اسلام آباد – 09 جولاءِ (اي پي پي) توانائي واري وفاقي وزير عمر ايوب خان ??يو آهي ته ڪراچي جي عوام کي مسئلن مان ??ڍڻ لاءِ وفاقي حڪومت خصوصي قدم کڻي رهي آهي، ڪي اليڪٽرڪ کي 200 ميگاواٽ اضافي بجلي جي پيداوار لاءِ وڌيڪ 30 ايم ايم سي ايف ڊي گئس ڏينداسين، نيپرا ۾ سنڌ جو نمائندو سنڌ حڪومت نامزد ڪيو آهي، سنڌ حڪومت ان جي خلاف ٺوس ڪارروائي ڪر??، نيپرا ۾ ڪي اليڪٽرڪ جي معاملي تي سڀاڻي ٻڌڻي آهي، ڪراچي ۾ غفلت سان پاڻي بيهڻ سان حادثن جي ذميدارن جي خلاف سنڌ حڪومت ڪارروائي ڪر??. هن اها ڳالهه قومي اسيمبلي ۾ آغا رفيع الله ۽ ٻين ميمبرن جي ڌيان ??ڪايو نوٽيس تي چئي، عمر ايوب چيو ته نيپرا ڪابينا ڊويزن تحت اچي ٿي، ڪي اليڪٽرڪ جو مسئلو سالن کان آهي، موجوده حڪومت ڪراچي کي بجلي جي سپلائي جي معاملي تي ڪم ڪر?? رهي آهي، هن وقت تائين ڪراچي کي 30 هزار ميٽرڪ ٽن ٻارڻ ۽ 100 ايم ايم سي ايف ڊي گئس ڪراچي جي عوام جي ڏکيائي ختم ڪرڻ لاءِ ڏئي رهيا آهيون، ڪي اليڪٽرڪ جو سسٽم اهڙو ناهي جو نيشنل گرڊ کان وڌيڪ بجلي حاصل ڪر?? سگهي، ڪراچي ايسٽ ۽ ويسٽ ۾ ٻه گرڊ اسٽيش?? ٺاهيا پيا وڃن.