اسلام آباد – 22 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ (اڳوڻي فاٽا) ضم ٿيل علائقن ۾ ترقي جي حوالي سان اڳڀرائي جو جائزو وٺڻ لاءِ اجلاس منعقد ٿيو، وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ طرفان جاري بيان موجب اجلاس ۾ منصوبابندي واري وفاقي وزير اسد عمر، اطلاعات ۽ نشريات ??اري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز، نا??ي واري صلاحڪار ??اڪٽر عبدالحفيظ شيخ، خاص مددگار ??اڪٽر شهباز گل ۽ سينئر عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ خيبرپختونخوا جي وڏي وزير محمود خان، خيبرپختونخوا جي نا??ي واري وزير تيمور سيلم جهڳڙا، پنجاب جي نا??ي واري وزير هاشم جوان بخت وڊيو لنڪ جي ذريعي شرڪت ڪئي، اجلاس کانپوءِ وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز ٻڌايو ته وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ اجلاس ۾ اڳوڻي فاٽا جي علائقن ۾ ترقياتي منصوبن جو جائزو ورتو ويو ۽ وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته فاٽا جي عوام سندس دل جي ويجهو آهي ۽ فاٽا جي جلد کان جلد ترقي چاهيون ٿا، ان ڏس ۾ 2018ع جي معاهدي تحت وفاق جو حصو طئي ٿيو هو اهو حڪومت جاري ڪري ڇڏيو آهي ۽ جيڪو باقي لوازمات آهن ان لاءِ نا??ي واري صلاحڪار جي ماتحت ڪميٽي جوڙي آهي جيڪا باقي صوبن سان ڪوآرڊينيٽ ڪري انهن فنڊن جي دستيابي کي يقيني بڻائيندي جنهن سان فاٽا جي ترقياتي منصوبا شروع ٿي سگهندا ۽ فاٽا جي عوام جنهن دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ ڪيتريون ئي قربانيون ڏنيون آهن ۽ سدائين ان لاءِ قربانيون ڏيندا رهندا آهن اسان ان جو اعتراف ڪريون ٿا، وزيراعظم فاٽا جي علائقن جي ترقي ۾ گهڻي دلچسپي وٺي رهيو آهي ۽ انشاءُ الله ايندڙ مالي سال ۾ سمورا ترقياتي منصوبا شروع ڪيا ويندا.