اسلا?? آباد – 27 جولاءِ (اي پي پي) وفاقي گهرو وزير چوڌري نث??ر چيو آهي ته ڪالهه تائين فيصلو هو ته جنهن ڏينهن سپريم ڪورٽ جو فيصلو ايندو چاهي ا??و حق ۾ اچي يا مخالف ۾ ان ڏينهن وزارت ۽ اسيمبلي جي ميمبرشپ تان استعيفا ڏئي ڇڏيندس، پ?? دوستن جي ملاقات کانپوءِ فيصلو تبديل ڪري ڇڏيو، آئون ڪنهن سان به ناراض نه آهيان منهنجي پارٽي ۽ قيادت تي ڏکيو وقت آهي، آئون ناراض ڇو ٿيندس. پنجاب هائوس ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چوڌري نث??ر چيو ته اڄ منهنجي زندگي ۾ مشڪل ترين پريس ڪانفرنس آهي. هن چيو ته آئون ڪنهن کان به ناراض نه آهيان منهنجي پارٽي ۽ قيادت تي ڏکيو وقت آهي آئون ڀلا ناراض ڇو ٿيندس مون سدائين پنهنجي ذات کي هڪ طرف رکي پنهنجي زندگي مسلم ليگ (ن) ۽ نواز شريف جي لاءِ داءُ تي لڳائي آهي آئون 33 سالن کان هر اجلاس ۾ موجود هوندو آهيان اوچتو ڏيڍ مهيني کان سينئر ترين مشاورت ۾ مون کي نه گهرايو ??يو ان دوران قومي سلامتي ڪميٽي ۽ ڪابينا جا اجلاس ٿيا مون انهن ۾ شرڪت ڪئي.