لاهور – 25 – ڊسمبر (اي پي پي( وزيراعظ?? محمد شهباز شريف ڏکڻ وز??رس??ان ضلعي جي علائقي سراروغا ۾ 13 خوارجين کي جهنم واصل ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته انسانيت جي دشمنن جي ڪڌي ارادن کي اه??ي طرح خاڪ ۾ ملائيندا رهنداسين، قوم کي سيڪيورٽي فورسز جي بهادر جوانن تي فخر آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته ملڪ مان فتنه الخوارج ۽ ??هش??گردي جي مڪمل خاتمي تائين اسان جي ??هش??گردن جي خلاف جنگ جاري رهندي.