دي هيگ/اسلام آباد _12 ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان انصاف جي عالمي عدالت ۾ پنهنجي آبادي ۽ معيشت تي موسمياتي تبديلي?? جي سنگين اثرن جو خاڪو پيش ڪيو آهي جنهن ۾ 2022ع جي ٻوڏ کي نمايان ڪيو ويو آهي جنه?? جي نتيجي ۾ ملڪ جو هڪ ڀاڱي ٽي حصو ٻڏي ويو هو، 33 ملين ماڻهو متاثر ٿيا ۽ ان سبب نئين سر تعمير جي خرچ جو اندازو 16 ارب ڊالر کان وڌي ويو. اٽارني جنرل منصور عثمان اعواڻ پاڪستا?? جي نمائندگي ڪن??ي پاڪستان جو ڪيس انصاف جي عالمي عدالت (آءِ سي جي) ۾ پيش ڪيو. پاڪستا?? جي نمائندي گڏيل قوم?? جي جنرل اسيمبلي کي گڏيل قوم?? جي سيڪريٽري جنرل جي 2022ع جي خطاب جو حوالو ڏيندي چيو ته پاڪستان جو عالمي سطح تي گرين هائوس گيس?? جي اخراج ۾ حصو هڪ سيڪڙو کان به گهٽ آهي پر پاڪستا?? جي عوام کي ٻين ملڪ?? جي ڀيٽ ۾ موسمياتي اثرن سبب 15 ڀيرا وڌيڪ نقصان کي منهن ڏيڻو پوندو آهي. پاڪستان ٽن اهم نڪتن تي زور ڏنو جنهن ۾ چيو ويو ته موسمياتي تبديلي بابت گڏيل قومن فريم ورڪ ڪنوينشن تحت پيرس معاهدو ماحولياتي ذميوارين تي ڌيان ڏيڻ جو بنيادي فريم ورڪ آهي. پاڪستاني نمائندي چيو ته آب و هوا جي ذميواري?? جي ايڪويٽي ۽ لاڳاپيل صلاحيتن سان هڪجهڙائي هجڻ گهرجي جنهن ۾ موسمياتي ماليات، روڪٿام ۽ سهڪار شامل آهي. معاهد?? جي ذميوارين بابت تڪرارن کي انهن معاهد?? جي اندر قائم ميڪانزم ذريعي حل ڪرڻ گهرجي. پاڪستان اها به دليل پيش ڪئي ته روڪٿام جي ذميواري معاهد?? جي ڏنل ذميوارين سان ڪم ڪن??ي آهي جيڪو لاڳو قانون جو حصو آهي. پاڪستا?? جي نمائندي ان سلسلي ۾ ڪنونشنز جو ذڪر ڪيو جن ۾ موسمياتي تبديلي بابت گڏيل قومن جو فريم ورڪ ڪنونشن، اوزو?? جي تهه جي تحفظ لاءِ ويانا ڪنونشن، ڪنوينشن آن لانگ رينج ٽرانس بائونڊري فضائي گدلاڻ ۽ صحرا بندي جو مقابلو ڪرڻ لاءِ گڏيل قومن جو ڪنونشن به شامل آهي. هن چيو ته اسان موسمياتي تبديلي جي اثرن کي محسوس ڪن??ڙ پهرين نسل ??هي??ن ۽ ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته آخري نسل به ??هي???? جيڪا ان بابت ڪجهه ڪري سگهي ٿي.