اسلام آباد-03 ڊسمبر (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني چيو آھي ته خص??صي ماڻھن جو عالمي ڏھاڙو ياد ڏياري ٿو ته معذور ماڻھن کي برابر جا موقعا ۽ حق فراھم ڪرڻ اسان جي ذميواري آھي. سينيٽ سيڪريٽريٽ مان جاري بيان مطابق انھن خيالن جو اظھار ھن خص??صي ماڻھن جي عالمي ڏينھن جي موقعي تي پنھنجي پيغام ۾ ڪيو. سينيٽ چيئرمين چيو ته اھو ڏينھن ياد ڏياري ٿو ته خص??صي ماڻھن کي برابر جا موقعا ۽ حق فراھم ڪرڻ اسان جي ذميواري آھي، ملڪ ۾ خص??صي ماڻھن جي ڀلائي لاءِ جامع پاليسيون بڻايون ويون آھن ۽ ان تي عمل به ڪيو پيو وڃي ته جيئن اھي ماڻھو به ھڪ باعزت ۽ خودمختيار زندگي گذاري سگھن. سيد يوسف رضا گيلاني چيو ته خص??صي ماڻھن کي ھم??ائ??، انھن جي قابليت کي قبول ڪرڻ ۽ انھن لاءِ وسيلا ۽ موقعا فراھم ڪرڻ ھڪ مضبوط ۽ ترقي ??اف??ه قوم جي نشاني آھي. ھن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ اسان کي ان ذميواري کي بھتر طريقي سان ادا ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي.