اسلام آباد – 26 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته انتشارين جو مقصد لاش ڪيرائي انهن تي سياست ڪ??ڻ آهي، رياست تحمل جو مظاهرو ڪري رهي آهي، اسان جي صبر جو امتحان نه ورتو وڃي، اهي بيلاروس جي صدر جي دوري کي سبوتاز ڪرڻ چاهين ٿا، بشريٰ بي بي لاش ڪيرائڻ جي منصوبابندي ڪري آئي آهي، پوليس ۽ رينجرز جي شهيدن جو رت ڪنهن جي هٿ تي ڳوليون؟ رياست فسادين ۽ انتشارين جو ڪو مقصد پورو ٿيڻ نه ڏيندي. صحافين سان ڳالهائيندي اطلاعات ??اري وفاقي وزير چيو ته بشريٰ بي بي لاش ڪيرائڻ جي منصوبابندي ڪري آئي آهي، هو پاڻ اڃا تائين ڪٿي لڪل آهي ۽ ڏهاڙي جي مزدورن ۽ ٻارن کي آڻي اڳيان بيهاريو ويو آهي، اهي غريبن ج?? ٻارن ک?? ٻارڻ بڻائڻ چاهين ٿا جيڪو انتهائي بزدلاڻو فعل آهي. وفاقي وزير چيو ته بيلاروس جو صدر پاڪس??ان جي دوري تي آهي، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ معاهدا ٿي رهيا آهن، بزنس ڪانفرنس هلي رهي آهي جڏهن ته ??ئي طرف تحريڪ انتشار ان جي دوري کي سبوتاز ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي. تحريڪ انتشار 9 مئي جا مقصد ٻيهر حاصل ڪرڻ چاهي ٿي، هي چاهين ٿا ته ??لڪ ۾ رتوڇاڻ ٿئي ۽ ٻيهر اهي لاشن تي سياست ڪن، انهن جو مقصد پورو ٿيڻ نه ڏينداسين. وفاقي وزير چيو ته رينجرز جا جوان شهيد ٿيا، پوليس اهلڪار مبشر کي شهيد ڪيو ويو، انهن جو رت ڪنهن جي هٿ تي ڳوليون؟ هن چيو ته جڏهن به ڪنهن دوست ملڪ جو دورو هوندو آهي ته انهن کي ڌرڻو ڇو ياد اچي ويندو آهي؟ هي ڌرڻي جي لاءِ انهي جڳهه جي چونڊ ڇو ڪندا آهن؟ ان جي لاءِ ته ??ي ملڪ دشمن آهن ۽ ملڪ ۾ انارڪي ڦهلائڻ چاهين ٿا جنهن جي اجازت نه ڏني ويندي. هن چيو ته اسان پاڪس??ان تي جان به قربان ڪرڻ جي لاءِ تيار آهيون، اسان ڪڏهن به ناهي چيو ته ??لاڻو نه آهي ته ??اڪس??ان نه آهي، هي چاهين ٿا ته ??وري ملڪ ۾ انتشار پکڙجي. هن چيو ته ??نجاب، سنڌ ۽ بلوچس??ان مان ڪير انهن جي احتجاج ۾ ناهي نڪتو، گرفتار ڪارڪنن چيو ته اسان کي پئسا ڏئي آندو ويو آهي، پي ٽي آءِ قيادت پنهنج?? ٻارن ک?? ٻاهران آڻي ۽ فرنٽ لائين تي بيهاري، هي پاڻ ڊي چوڪ تي ڇو نه پهتا؟ وفاقي وزير چيو ته تحريڪ انتشار جي پوري قيادت جو مقصد هڪ ئي آهي ته ڪهڙي طريقي سان هتي لاش ڪيرايا وڃن ۽ لاشن تي سياست ڪئي وڃي جيڪو ڪڏهن به پورو ٿيڻ نه ڏينداسين. هن چيو ته اسان کي پاڪس??ان جو مفاد عزيز آهي، اڄ معيشت ترقي ڪري رهي آهي، اسٽاڪ مارڪيٽ اڳتي وڃي رهي آهي. پي ٽي آءِ واحد سياسي پارٽي آهي جيڪا ملڪي ترقي روڪڻ چاهي ٿي، انهن جو احتجاج سدائين افغاني ليڊر ڪندا آهن. اطلاعات ??اري وفاقي وزير چيو ته اهي منافقت، انتشار، تشدد جي سياست ڪري سياسي پوائنٽ اسڪورنگ چاهين ٿا، اسان جي جوانن جو مورال بلند آهي، اهي امن کي برقرار رکڻ ڄاڻين ٿا، ان جي لاءِ اسان جي صبر جو امتحان نه وٺن. هن چيو ته ??ي ٽي آءِ قيادت ڪرائي جي ماڻهن جي پٺيان لڪي رهي آهي، همت آهي ته ??اڻ اڳيان اچن. هن چيو ته ??لڪ کي ڊيل ريل ڪرڻ، انتشار ڦهلائڻ جي ڪڌي ڪوشش ڪڏهن به ڪامياب نه ٿيندي، اڃا به وقت آهي مُڙي وڃن ۽ منتشر ٿي وڃن، رياست جي صبر جو امتحان نه وٺن.