اسلام آباد- 19 نومبر (اي پي پي) توانائي واري وفاقي وزير سردار اويس احمد خان لغاري سان جرمن سفير الفريڊ گراناس ملاقات ڪئي، جنهن ۾ توانائيءَ جي شعبي سميت گڏيل دلچسپيءَ جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات ۾ وفاقي وزير چيو ??ه جرمني تجديد جوڳي توانائي جي شعبي ۾ عالمي اڳواڻ آهي، پاڪستان 2034ع تائين پنهنجي توانائي مڪس ۾ 88 سيڪڙو تجديد جوڳي توانائي شامل ڪندو. هن چيو ته پاڪستان تمام ذميداري سان توانائيءَ جي شعبي ۾ هڪ مسابقتي مارڪيٽ متعارف ڪرائي رهيو آهي ??ه جيئن ??جل?? جي خريد ۽ وِڪري ۾ وڌيڪ شرڪت ڪندڙ شامل ٿي سگهن. هن چيو ته ??جل?? جي شعبي ۾ سيڙپڪاري جي خاطرخواه موقعا موجود آهن جن مان جرمني جا سيڙپڪاري ڀرپور فائدو کڻي سگهن ٿا. جرمني پاڪستان جو هڪ قابل قدر ترقياتي ڀائيوار آهي ۽ بي ٽو بي رابطن کي هٿي ڏيڻ اسان جي ٻه طرفي ناتن جو هڪ اهم عنصر آهي. سفير چيو ته توانائي جي شعبي ۾ آرٽيفيشل ان??يل??جنس ۽ بيٽري اسٽوريج ٽيڪنالاجيز سبب ??جل?? هر گذرندڙ ڏينهن سان وڌيڪ صلاحيت جي قابل بڻ??ي رهي آهي. هن چيو ??ه جرمني پاڪستان جي توانائيءَ جي شعبي ۾ سڌارن جي مالي معاونت لاءِ پُرعزم آهي ??ه جيئن پاور سيڪٽر جي بنيادي مسئلن کي حل ڪري سگهجي. جرمن سفير چيو ??ه جرمني نجي شعبي پاڪستان جي توانائي جي شعبي ۾ هڪ فعال ڪردار ادا ڪري رهيو آهي ۽ مختلف رٿائن ۾ سهڪار جاري رکندو. ملاقات دوران ٻنهي ڌُرين تجديد جوڳي توانائي کي هٿي ڏيڻ ۽ ٻين رٿائن ۾ گڏيل مشاورت اڳيان وڌائڻ تي اتفاق ڪيو.