اسلام آباد -10 نومبر (اي پي پي) صدر مملڪت آصف علي زرداري اتر وزيرستان ۾ خوار??ين خلاف 2 م??تل?? آپريشنز تي پاڪ فوج کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ مان گذريل ڏينهن جاري بيان مطابق صدر مملڪت آصف علي زرداري دهشتگردن خلاف اثرائتي ڪارروائي تي پاڪ فوج جي جرئت کي ساراهيو. هن چيو ته پاڪستان ۾ دهشتگردن جي مداخلت نا??ام بڻائڻ تي سيڪيو??ٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيون ٿا. صدر مملڪت آصف علي زرداري پاڪ فوج جي قربانين ۽ عزم کي سلام پيش ڪيو ۽ دهشتگردي جي خاتمي جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. خوار??ين کي جهنم ڀيڙو ڪرڻ تي هن سيڪيو??ٽي فورسز جي وقت سر ڪارروائي جي تعريف پڻ ڪئي.