راولپنڊي-30 آڪٽوبر (اي پي پي) روسي فيڊريشن جي بچاءَ واري نائب وزير ڪرنل جنرل اليگيزنڊر وي فومين نيول هيڊ ڪوارٽرز اسلام آباد جو دؤرو ڪيو ۽ نيول چيف ايڊمرل نويد اشرف سان ملاقات ڪئي، جنهن ?? گڏيل دلچس??يء?? جي پيشوراڻن معاملن، علائقائي ميري ٽائيم سيڪي??رٽ?? جي صورتحال ۽ ٻه طرفي بحري معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. آءِ ايس پي آر موجب نيول چيف جو چوڻ هو ته پاڪستان رشين فيڊريشن سان لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏئي ٿو ۽ ڊگهي مدي واري شراڪتداريءَ جو خواهشمند آهي. ملاقات ۾ ٻنهي بحري فوجن وچ ۾ ٻه طرفي تربيت، بحري جنگي جهازن جي دؤرن ۽ ٻه طرفي بحري مشقن جو بندوبست ڪرڻ سميت مختلف پهلوئن تي پڻ غور ڪيو ويو. ٻنهي اڳواڻن ميري ٽائم سيڪي??رٽ?? ۽ بحري ٽيڪنالاجي جي شعبن ۾ گڏيل تعاون کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ تي اتفاق ڪيو. روسي فيڊريشن جي بچاءَ واري نائب وزير خطي ۾ ميري ٽائم سيڪي??رٽ?? ۾ پاڪ بحريه جي مستقل ڪوششن ۽ بلند عزم جو اعتراف ڪيو.