اسلام آباد-30 سيپٽمبر (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر سردار اياز صادق ??لس??ين، يمن ۽ لبنان تي اسرائيلي حملن جي مذمت ڪندي گڏيل قومن کان ان جو سخت نوٽيس وٺڻ جي اپيل ڪئي آهي. ڪالهه پنهنجي مذمتي بيان ۾ هن اسرائيل هٿان لبنان جي معصوم شهر??ن جي قتلِ عام تي گهري ڏُک، افسوس ۽ سوڳوار خاندانن سان دلي تعزيت ۽ همدرديءَ جو اظهار ڪيو. اسپيڪر چيو ت?? پاڪستاني عوام جي دل ??لس??ين ۽ لبنان جي عوام سان گڏ ڌڙڪي ٿي، مشڪل جي هن گهڙيءَ ۾ پاڪستان جي پارليامينٽ، ??لس??ين ۽ لبنان جي عوام سان مڪمل يڪجهتيءَ جو اظهار ڪري ٿي. هن چيو ت?? اسرائيل جا ??لس??ين ۽ يمن کانپوءِ لبنان تي جاري فضائي حملا خطي ۾ جنگي جنون جو چِٽو ثبوت آهن. اسرائيل جو جارحاڻو رويو نه صرف خطي پر پوري دنيا لاءِ خطرو بڻجي چڪو آهي. هن چيو ت?? اسرائيل جي جنگي جنون خطي جي امن کي وڌيڪ خطري ۾ وِجهي ڇڏيو آهي، ??لس??ين ۾ 42 هزار معصوم شهر??ن جي قتلِ عام باوجود اسرائيل جو جنگي جنون مڪمل ناهي ٿيو. اسرائيل جا هٿ ??لس??ين ۽ لبنان جي معصوم ٻارن ۽ بزرگن جي رت سان رڱيل آهن. هن چيو ت?? اسرائيل ??لس??ين کان پوءِ يمن ۽ لبنان تي حملا ڪري دنيا جي امن کي چئلينج ڪيو آهي، اسرائيل جو جنگبندي کان ا??نڪ??ر خطي کي جنگ جي ڌُٻڻ ۾ وِجهڻ جو چِٽو ثبوت آهي. اسپيڪر چيو ت?? اسرائيل جي ناپاڪ مقصدن سان وچ اوڀر جي امن کي ش??يد خطرا درپيش آهن. نيتين ياهو جون گڏيل قومن جي فورم تي بيهي دنيا کي ڌمڪيون ڏيڻ ڳڻتي ۽ مذمت جوڳيون آهن. هن چيو ت?? مسلمان اُمت کي ??لس??ين، يمن ۽ لبنان تي اسرائيلي حملن خلاف پنهنجي خاموشي ٽوڙڻي پوندي. مسلمان اُمت کي اسرائيلي جارحيت خلاف آواز اُٿارڻو پوندو. اسرائيل جي ناپاڪ اِرادن کي نه روڪيو ويو ت?? اها جنگ پوري خطي کي پنهنجي لپيٽ ۾ آڻي سگهي ٿي.