اسلام آباد-27 سيپٽمبر (اي پي پي) ناڻي واري وزارت چيو ته ملڪي معيشت استحڪام سان اؤسر طرف گامزن آه??، اهم اقتصادي اهڃاڻ مثبت رُخ ۾ اڳيان وڌي رهيا آهن، واپاري ۽ ڪرنٽ اڪائونٽ خساري ۾ گ??ٽتائي اچي رهي آهي جڏهن ته ملڪي روانگي واپار ۽ پرڏيهه مان آيل ناڻي ۾ نمايان واڌ ڏسڻ ۾ آئي آهي، سيپٽمبر ۽ آڪٽوبر ۾ مهانگائي جي شرح 8 کان 9 سيڪڙو وچ ۾ رهڻ جو امڪان آهي. اها ڳالهه ناڻي وزارت طرفان جاري ڪيل ماهوار اقتصادي اپ ڊيٽ ۾ ٻُڌائي وئي آه??. ن??ڻي وزارت مطابق وڏين صنعتن جي پيداوار ۾ آهستي آهستي واڌ ٿي رهي آه??، اهم ايڪسپورٽ شعبي پيداوار ۾ واڌ لاءِ تيار آهيون جنهن جو بنيادي ڪارڻ مستحڪم ايڪسچينج ريٽ، ناڻي اؤسر جي دٻاءُ ۾ گ??ٽتائي ۽ ڪاروبار دوست ماحول جي فراهمي آهي، مانيٽرنگ پاليسي ۾ نرمي سبب سيڙپڪارن جو اعتماد بحال ٿي رهيو آهي، عالمي معيشت جي استحڪام سان جٽادار صنعتي ترقيءَ جو عمل وڌيڪ بهتر ٿيندو. ناڻي وزارت چيو ته خريف 2024ع جي فصلن جو ڀاڙڻ موسمياتي عملن تي آهي. سيپٽمبر ۾ ملڪي روانگي واپار 2.5 ارب ڊالر کان وٺي 3 ارب ڊالر ۽ ايڪسپورٽ 4.5 ارب ڊالرن کان وٺي 5 ارب ڊالرن تائين رهڻ جو امڪان آه??، اهڙيءَ طرح پرڏيهه مان اُماڻيل ناڻي جو ڳاڻيٽو 2.7 ارب ڊالر کان وٺي 3.2 ارب ڊالرن وچ ۾ رهندو. ناڻي وزارت طرفان جاري اقتصادي اپ ڊيٽ موجب جاري مالي سال جي پهرين ٻن مهينن ۾ پرڏيهه مان اُماڻيل ناڻي ۾ 44 سيڪڙو جي واڌ ٿي، مالي سال جي پهرين 2 مهينن ۾ پرڏيهه مان اُماڻيل ناڻي جو ڳاڻيٽو 5.93 ارب ڊالر رڪارڊ ڪيو ويو ??يڪ?? گذريل مالي سال جي ساڳئي مُدي ۾ 4.124 ارب ڊالر هو. مالي سال جي پهرين ٻن مهينن ۾ ملڪي روانگي واپار جو ڳاڻيٽو 4.862 ارب ڊالر رڪارڊ ڪيو ويو ??يڪ?? گذريل مالي سال جي ساڳئي مُدي ۾ 4.536 ارب ڊالرن جي ڀيٽ ۾ 7.2 سيڪڙو وڌيڪ آهي. مالي سال جي پهرين ٻن مهينن ۾ ايڪسپورٽ جو ڳاڻيٽو 9.53 ارب ڊالر رڪارڊ ڪيو ويو ??يڪ?? گذريل مالي سال جي ساڳئي مُدي ۾ 8.37 ارب ڊالر هو. مالي سال جي پهرين ٻن مهينن ۾ ڪرنٽ اڪائونٽ کاتن جي خسارو 171 ملين ڊالر رڪارڊ ڪيو ويو ??يڪ?? گذڙيل مالي سال جي ساڳئي مُدي جي 893 ملين ڊالرن جي ڀيٽ ۾ 80.9 سيڪڙو گهٽ آهي. مجموعي پرڏيهي سيڙپڪاري جو ڳاڻيٽو 350.3 ملين ڊالر رڪارڊ ڪيو ويو ??يڪ?? گذريل مالي سال جي ساڳئي مُدي ۾ 225.2 ملين ڊالرن يج ڀيٽ ۾ 55.5 سيڪڙو وڌيڪ آهي. آگسٽ ۾ ڪرنٽ اڪائونٽ خساري جي کاتن جو توازن 75 ملين ڊالر فاضل رڪارڊ ڪيو ويو. مجموعي پرڏيهي سيڙپڪاري جو ڳاڻيٽو 453.2 ملين ڊالر رهيو ??يڪ?? گذريل مالي سال جي ساڳئي مُدي جي 252 ملين ڊالرن جي ڀيٽ ۾ 79.9 کان وڌيڪ آهي. انگن اکرن مطابق 20 سيپٽمبر 2023ع تي پرڏيهي مٽاسٽا جي ناڻي جي ذخيرن جو ڳاڻيٽو 13.079 رڪارڊ ڪيو ويو هو ??يڪ?? 20 سيپٽمبر 24ع تي 14.873 ارب ڊالر هو. گذريل سال 30 سيپٽمبر تي ايڪسچيج ريٽ 293.89 رپيا هو ??يڪ?? هلندڙ سال 20 سيپٽمبر تي 277.84 رپيا رهيو. جولاءِ ۾ ايف بي آر جي اوڳاڙين جو ڳاڻيٽو 1.456 کرب رپيا رڪارڊ ڪيو ويو ??يڪ?? گذريل مالي سال جي ساڳئي مُدي جي 1.207 کرب رپين جي ڀيٽ ۾ 20.6 سيڪڙو وڌيڪ آهي. مالي خساري جو ڳاڻيٽو جولاءِ ۾ 387.8 ارب رپيا رڪارڊ ڪيو ويو ??يڪ?? گذريل سال جولاءِ ۾ 225.3 ارب رپيا هو. پرائمري بيلنس جو ڳاڻيٽو 107.1 ارب رپيا رڪارڊ ڪيو ويو ??يڪ?? گذريل سال جولاءِ ۾ 311.2 ارب رپيا هو. پرائمري خساري ۾ 65.6 سيڪڙو جي گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئ??. ن??ڻي وزارت موجب 12 سيپٽمبر تي پاليسي ريٽ 17.5 سيڪڙو جي سطح تي رڪارڊ ڪيو ويو ??يڪ?? گذريل سال 22 سيڪڙو جي سطح تي هو. آگسٽ ۾ صارفين لاءِ قيمتن جو اهڃاڻ 9.6 سيڪڙو جي سطح تي رڪارڊ ڪيو ويو ??يڪ?? گذريل سال آگسٽ ۾ 27.4 سيڪڙو هئي. مالي سال جي پهرين ٻن مهينن ۾ صارفين لاءِ قيمتن جا اهڃان 10.4 سيڪڙو جي سطح تي رڪارڊ ڪيا ويا ??يڪ?? مالي سال جي ساڳئي مُدي ۾ 27.8 سيڪڙو جي سطح تي هئا. جولاءِ دوران وڏين صنعتن جي پيداوار ۾ 2.4 سيڪڙو جي اؤسر جي شرح سان ٿي. گذريل سال جولاءِ ۾ اها شرح ڪاٽو 5.4 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئ??. ن??ڻي وزارت موجب 26 سيپٽمبر تي پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج جو انڊيڪس 81658 پوائنٽس جي بلند سطح تي رڪارڊ ڪيو ويو، ??يڪ?? گذريل سال 45889 پوائنٽس رڪارڊ ڪيو ويو. 26 سيپٽمبر تي مارڪيٽ ڪيپيٽلائزيشن جو ڳاڻيٽو 38.56 ارب ڊالر رڪارڊ ڪيو ويو ??يڪ?? گذريل سال 23.23 ارب ڊالر هو. نين ڪمپنين جي رجسٽريشن ۾ 66 سيڪڙو جي اؤسر ڏسڻ ۾ آئي آهي.