راولپنڊي – 10 آڪٽوبر (??ي پي پي) پاڪ فوج جي سربراهه جنرل عاصم منير سان سعودي عرب جي سيڙپڪاري واري وزير خالد بن عبدالعزيز الفالح وفد س??ن گڏ ملاقات ڪئي جنهن ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پاڪ فوج جي سڌ سماءَ واري شعبي (آءِ ايس پي آر) مطابق ملاقات دوران مختلف شعبن ۾ ڀائراڻي سهڪار کي مضبوط بڻائڻ جي قدمن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. پاڪ فوج جي سربراهه سعودي بادشاهه شاهه سل??ان ۽ ولي عهد محمد بن سل??ان جي پاڪستان لاءِ غير متزلزل حمايت تي سندس ٿورو مڃيو. آرمي چيف وفد کي پاڪستان جي مڪمل حمايت ۽ عزم جي وڌيڪ خاطري ڪرائي ۽ ٻنهي ملڪن کي حاصل ٿيل ??مي?? ڏياريندڙ نتيجن بابت ??مي?? ظاهر ڪئي. آرمي چيف جنرل عاصم منير جو چوڻ هو ته وڏي واپاري وفد جو دورو پاڪ-سعودي جٽادار ۽ ڀائراڻن لاڳاپن جي تصديق ڪري ٿو، پاڪستاني عوام سعودي عرب لاءِ تمام گهڻي عزت ۽ محبت رکي ٿو.