اسلام آباد-29 آگسٽ (اي پي پي) سينيٽ جي چي??رم??ن سيد يوسف رضا گيلاني سان پاڪستان ۾ جاپان جي سفير مٽسو هيرو واڊا پار??يا??ينٽ هائوس ۾ ملاقات ڪئي ۽ـ گڏيل دلچسپيءَ جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ڪالهه سينيٽ سيڪريٽريٽ مان جاري پڌرائيءَ مطابق سينيٽ چي??رم??ن چيو ته پاڪستان جاپن سان پنهنجن ڀائرن لاڳاپن کي انتهائي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو، جاپان مستحڪم معاشي مل?? آهي ۽ پاڪستان جاپان سان مختلف شعبن جهڙوڪ توانائي، صحت، صنعت ۽ پيداوار ۾ تعاون کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ جو خواهشمند آهي. هن 22ع جي ٻوڏ دوران جاپان حڪومت طرفان ڏنل امداد تي ٿورو مڃيو. پاڪستان ۽ جاپان و چ ۾ پار??يا??اني ۽ سفارتي لاڳاپا وقت گذرڻ سان گڏ مضبوط ٿي رهيا آهن. سينيٽ چي??رم??ن چيو ته پار??يا??اني وفدن جي مٽاسٽا سان ٻنهي مل??ن جي عوام کي هڪٻئي جي ويجهو ۽ لاڳاپن کي وڌيڪ ??هتر بڻائي سگهجي ٿو. هن چيو ته ٻنهي مل??ن جي پار??يا??اني ۽ عوامي وفدن جي مٽاسٽا ۾ تيزي آڻڻ جي اشد ضرورت آهي. سينيٽ جي چي??رم??ن چيو ته پاڪستان ۽ جاپان معاشي لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ لاءِ ڪيترن ئي اداره جاتي مڪينزمز کي قائم ڪيو آهي. ان مڪينزمز تحت باقاعدگي سان رابطن ۽ ٻه طرفن لاڳاپان جو جائزو وٺڻ ۾ نظرثاني سان سيڙپڪاري، سياحت ۽ پار??يا??اني وفدن جي مٽاسٽا کي هٿي ڏيڻ ۾ مدد ملندي. سينيٽر سيد يوسف رضا گيلاني چيو ته پاڪستان ۽ جاپان وچ ۾ ص??ف 1.27 بلين ڊالرن جو گڏيل واپار ٿيندو آهي ۽ ڪيتريون ئي پاڪستاني ڪمپنيون جاپان جي هم منصبن سان گڏيل منصوبن تي ڪم ڪرڻ چاهين ٿيون. سينيٽ چي??رم??ن چيو ته پاڪستان جاپان انٽرنيشنل ڪوآپريشن ايجنسي (جي آءِ سي اي) جي پاڪستان سان ترقياتي تعاون کي قدر جي نگاهه سان ڏسن ٿا. جاپان جون ڪمپنيون پاڪستان ۾ وڌ کان وڌ سيڙپڪاريءَ جي موقعن مان فائدو حاصل ڪري سگهن ٿيون. چي??رم??ن ملاقات ۾ افغان پناهگيرن جي واپسيءَ جو معاملو به اُٿاريو. سينيٽ چي??رم??ن چيو ته پاڪستان هجرت ڪري آيل افغان پناهگيرن جي وطن واپسي به هڪ اهم مسئلو آهي، ان سلسلي ۾ جاپان به پنهنجو ڪردار ادا ڪري ته جيئن افغان پناهگيرن جي وطن واپسيءَ جي عمل کي وڌيڪ ??يز ڪري سگهجي ۽ عوامي سطح تي رابطن جو ذڪر ڪندي سينيٽ چي??رم??ن جاپان جي سفير کي ٻُڌايو ته سينيٽ ۾ پاڪستان جاپان دوستي گروپ قائم ٿي چڪو آهي جيڪو پار??يا??اني رابطن ۽ ٻه طرفي تعاون کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندو. سينيٽ چي??رم??ن وڌيڪ چيو ته هي همٿائيندڙ ڳالهه آهي ته ٻئي مل?? 2019ع ۾ ٽيڪنيڪل انٽرن ٽريننگ پروگرام ۽ مخصوص هنرمند ورڪرز پروگرامن تي تعاون جا معاهدا ڪيا آهن. سينيٽ چي??رم??ن چيو ته جاپان ۾ رهندڙ 25 هزار پاڪستاني جاپان جي ترقيءَ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. جاپان ۾ اسان جي ڪميونٽي گاڏين، ڪالين جو واپار ۽ هلال خوراڪ جي روانگي واپار سان ڳنڍيل آهن.