اسلام آباد – 26 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف بلوچستان جي مختلف علائقن ۾ دهشتگردن جي خلاف آپريشنز دوران شهادت ماڻيندڙ سيڪيورٽي فورسز جي جوانن کي خراج عقيدت پيش ڪ??دي چيو آهي ته دهشتگردن جون بزدلاڻيون ڪارروايون اسان جي عزم کي ڪمزور نٿيون ڪري سگ??ن. ??زيراعظم آفيس جي م??ڊي?? ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته سيڪيورٽي فورسز جي وقت سر ڪاررواين دهشتگردن جي ارادن کي خاڪ ۾ ملائي ڇڏيو، پوري قوم پنهنجي بهادر سيڪيورٽي فورسز سان گڏ بيٺل آهي. هن چيو ته اسان شهيدن جي لازوال قربانين کي سلام پيش ڪريون ٿا، هر قسم جي دهشتگردي کي پاڙ کان پٽي اڇلائينداسين، دهشتگردن جون بزدلاڻيون ڪارروايون اسان جي عزم کي ڪمزور نه ٿيون ڪري سگ??ن. ??زيراعظم شهيدن جي درجن جي بل??دي جي لاءِ دعا ڪئي ۽ انهن جي خاندانن سان تعزيت جو اظهار ڪيو.