لاڙڪاڻو-21 آگسٽ (اي پي پي) لاڙڪاڻو کان ايران ويندڙ زائرين جي ڪوچ سان ايران جي شهر يزد ۾ خوفناڪ حادثو پيش اچڻ سبب 31 کان وڌيڪ زائرين شهيد ۽ 20 کان وڌيڪ سخت زخم?? ٿي پيا آهن. سنڌ جي وڏي و??ير سيد مراد علي شاهه حادثي تي افسوس جو اظهار ڪندي سنڌ صوبائي و??ير ناصر شاهه کي ايران ۾ متاثر خاندانن جي مدد لاءِ ڪراچي ۾ ايران جي قونصل جنرل سان رابطي ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. لاڙڪاڻي کان سيد اطهر شاهه شمسي جي اڳواڻيءَ ۾ نڪتل زائرين جي ڪوچ ايران جي شهر يزد ۾ بريڪ فيل ٿيڻ جي نتيجي ۾ ڪلٽ?? ٿي پئي. شروعاتي ڄاڻ موجب ڪوچ ۾ 55 ڄڻن سميت ڊرائيور ۽ ڪنڊڪٽر سوار هئا. حادثي جي نتيجي ۾ 31 کان وڌيڪ زائرين موقعي تي ئي دم ڏنو. جڏهن ته 20 کان وڌيڪ زائرين سخت زخم?? ٿي پيا آهن جن مان ڪيترن ئي زخمين جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي. ايراني انتظاميه جي ايمرجنسي ريسڪيو ٽيم موقعي و??ري هن?? پهچي لاشن ۽ زخمين کي ڪوچ هيٺيان ڪڍي اسپتال منتقل ڪيو جتي فوتين ۽ زخمين جي سڃاڻپ جو عمل جاري آهي. ٻئي پاسي ٰ سنڌ جي وڏي و??ير سيد مراد علي شاهه ايران ۾ پاڪستاني زائرين جي ڪوچ سان ٿيل حادثي تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ايران ۾ روڊ حادثي جي نتيجي ۾ ٿيل جاني نقصان تي انتهائي افسوس ٿيو آهي، ايران روڊ حادثي ۾ شهيدن جي و??رثن سان تعزيت جو اظهار ڪيان ٿو. ان کان اڳ حادثي بابت وزيراعليٰ سنڌ کي آگاهي ڏني و??ي ته لاڙڪاڻو کان 50 کان 55 زائرين جي بس کي ايران جي شهر يزد ۾ حادثو پيش آيو آهي جنهن تي سنڌ جي وڏي و??ير صوبائي و??ير ناصر شاهه کي ايران ۾ متاثر خاندانن جي مدد لاءِ ڪراچي ۾ ايران جي قونصل جنرل سان رابطي ڪرڻ ۽ حادثي ۾ فوت ٿي ويل جا لاش آڻڻ جا انتظام ڪرڻ جي هدايت ڪئي. جڏهن ته سنڌ جي وڏي و??ير سيد مراد علي شاهه چيف سيڪريٽري کي پرڏيهي و??ارت سان رابطي ۽ پرڏيهي و??ارت سان لاشن جي و??پسي لاءِ قدم کڻڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته زخمين کي بهترين طبي سهولتون فراهم ڪيون وڃن، واپسي لاءِ سفري سهولتن جو بندوبست ڪيو وڃي.