اسلام آباد-21 آگسٽ (اي پي پي) نج??اري، سيڙپڪاري بورڊ ۽ مواصلات واري ??فا??ي وزير عبدالعليم خان چي?? آهي ته خساري وارن ادارن جي نج??اري ڪري ملڪي خزاني جي بار کي گهٽ ڪرڻ?? آهي. اهڙو اظهار هن نج??اري ڪميشن بورڊ جي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. جنهن ۾ ??فا??ي سيڪريٽري سميت بورڊ ميمبرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ادارن جي نج??اري بابت اهم معاملن جي منظوري ۽ ڊسڪوز، پي آءِ اي ۽ ٻين ادارن جي نج??اري جي معاملن تي غور ڪيو ويو. شرڪت ڪندڙن نج??اري ٿيندڙ ادارن لاءِ فنانشل ايڊوائيزرز جي مقرري ۽ ٻين فني معاملن تي اتفاق ڪيو. ??فا??ي وزير، نج??اري ڪميشن بورڊ جي هن وقت تائين جي ڪارڪردگي تي اطمينان جو اظهار ڪيو. هن چيو ته عالمي معيار وارن ادارن کان فنانشل ايڊوائيزرز جي شموليت سٺي ڳالهه آهي. اسان کي قومي مفاد ۾ بهتر کان بهتر ۽ ٺوس فيصلا ڪرڻا پوندا. هن چيو ته ??ومي خزاني کي تمام گهڻو نقصان ٿي چڪ?? آهي، هاڻي وڌيڪ مالي دٻاءُ جي سٽ سهي نٿو سگهي، جيڪي ادارا به قاعدن ۽ ضابطن تي پورا لهن ٿا انهن کي نج??اري جي عمل ۾ ضرور شامل ڪريو. نج??اري ڪميشن بورڊ ٻين معاملن کانسواءِ بورڊ جي گذريل اجلاس جي ڪارروائي جي منظوري ڏني، بورڊ کي نيويارڪ کان پي آءِ اي جي روز ويلٽ هوٽل جي فني معاملن ۽ مختلف امڪانن تي بريفنگ پڻ ڏني وئي.