اسلام آباد – 09 – آگسٽ (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ اسرائيلي ميڊيا ۾ شايع ٿيندڙ ان??ن رپورٽس جي ترديد ڪندي ان??ن کي بي بنياد قرار ڏنو آهي جن ۾ پاڪستان پاران ا??ران جي حمايت جي لاءِ ممڪن طور ائٽمي هٿيار موڪلڻ جي عزم جو الزام هنيو ويو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پنهنجي هفتيوار پريس ب??يفنگ ۾ هڪ سوال جو جواب ڏيندي يروشلم پوسٽ جي 6 آگسٽ جي ان رپورٽ کي رد ڪري ڇڏيو جنهن ۾ الزام هنيو ويو آهي ته جيڪڏهن ا??ران ۽ اسرائيل جي وچ ۾ تڪرار وڌي ٿو ته پاڪستان ا??ران کي شاهين ٿري وچولي فاصلي تائين مار ڪندڙ بيلسٽڪ ميزائيل فراهم ڪرڻ جو ارادو رکي ٿو. ترجمان چيو ته اهڙيون خبرون ڪوڙيون آهن. هن چيو ته اهڙي طرح جي رپورٽس تي ڪو ڌيان ڏيڻ کان اڳ اهو ضروري آهي ته اهڙي بي بنياد رپورٽس جي پٺيان ماخذ ۽ ان جي پٺيان موجود بدنيتي تي ٻڌل ايجنڊا تي غور ڪيو وڃي. ترجمان چيو ته هي وچ اوڀر ۾ هڪ نازڪ وقت آهي، ان لاءِ اسان ميڊيا سميت سمورين ڌرين کي گذارش ڪريون ٿا ته اهي جعلي خبرن کي ڦهلائڻ ۾ م??وث نه ٿين.