اسلام آباد – 02 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف هدايت ڪئي آهي ته جناح ميڊيڪل ڪمپليڪس جي ماسٽر پلان جي تياري، فني مدد ۽ طبي او??ار?? جي لاءِ عالمي شهرت يافته ماهرن جون خدمتون ورتيون وڃن، جناح ميڊيڪل ڪمپليڪس کي نه رڳو پاڪستان پر خطي ۾ بهترين طبي سهولتن سان ليس اسپتال بڻايو وڃي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب وزيراعظم جي صدارت ۾ جناح ميڊيڪل ڪمپليڪس تي جائزه اجلاس ٿيو. ان موقعي تي وزيراعظم هدايت ڪئي ته جناح ميڊيڪل ڪمپليڪس کي ٽرشري سطح جي جديد اسپتال بڻائي و??ي، جناح ميڊيڪل ڪمپليڪس ۾ پوري پاڪستان مان مريضن کي موجوده دور جي جديد گهرجن سان هم آهنگ علاج جون سهولتون فراهم ڪيون وينديون، جناح ميڊيڪل ڪمپليڪس جي ماسٽر پلان جي تياري، فني معاونت ۽ طبي او??ار?? جي لاءِ عالمي شهرت يافته ماهرن جون خدمتون ورتيون وڃن. وزيراعظم چي?? ته اسان پنجاب ۾ عالمي معيار جي پي ڪي ايل آءِ اسپتال ٺاهي، پي ڪي ايل آءِ تي سياست ڪري ان کي تباهه ڪرڻ جي ڪڌي سازش ڪئي وئي. وزيراعظم چي?? ته جناح ميڊيڪل ڪمپليڪس جي جلد تعمير جي لاءِ قدم يقيني بڻايا وڃن، جناح ميڊيڪل ڪمپليڪس جي تعمير ۾ تعاون تي آغا خان فائونڊيشن جي خاص طور تي ٿورائتا آهيون. اجلاس ۾ اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير احد خان چي??ا، ڊپٽي چيئرمين پلاننگ ڪميشن جهانزيب خان، وزيراعظم جي صحت واري ڪوآرڊينيٽر مختار احمد ڀرت ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس کي جناح ميڊيڪل ڪمپليڪس جي ماسٽر پلان ۽ منصوبي جي تعمير جي حوالي سان اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو ويو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته جناح ميڊيڪل ڪمپليڪس کي ٽرسٽ ٺاهيو ويندو جيڪو اسپتال جي انتظامي معاملن کي ڏسندو. ان ٽرسٽ جو پيٽرن ان چي?? وزيراعظم هوندو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ڪمپليڪس جي ماسٽر پلان تي عالمي شهرت يافته آمريڪي ماهر ڪم ڪري رهيا آهن. اجلاس کي و??يڪ ٻڌايو ويو ته آغا خان فائونڊيشن پڻ ڪمپليڪس جي حوالي سان فني معاونت فراهم ڪري رهي آهي. اجلاس کي منصوبي جي تعميري لاڳت ۽ مقرر مدي کان آگاهه ڪيو ويو. وزيراعظم هدايت ڪئي ته جناح ميڊيڪل ڪمپليڪس کي نه رڳو پاڪستان پر خطي ۾ بهترين طبي سهولتن سان ليس اسپتال ٺاهي و??ي. وزيراعظم منصوبي ۾ شفافيت جي عنصر کي خاص اهميت ڏيڻ ۽ منصوبي کي گهٽ وقت ۾ مڪمل ڪرڻ جي حوالي سان هدايتون جاري ڪيون.