سرينگر-02 آ??سٽ (اي پي پي) ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ ڄ??ون ڪشمير ۾ ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس ماڻهن کي اپيل ڪئي آهي ته هو 5 آ??سٽ کي ڪاري ڏينهن طور ملهائين ته جيئن عالمي برادري کي اهو واضح پيغام ڏئي سگهجي ته ڀارت ڄ??ون ڪشمير تي غير قانوني قابض آهي ۽ ڪشميري گڏيل قومن طرفان تسليم ٿيل حق خود اراديت لاءِ پنهنجي جدوجهد جاري رکندا. ڪشمير ميڊيا سروس موجب ڪ?? جماعتي حريت ڪانفرنس جي غير قانوني طور تي نظربند چيئرمين مسرت عالم بٽ ۽ سينئر اڳواڻ شبير احمد شاهه نئ??ن دهلي ۾ بدنام زمانا تهاڙ جيل مان پنهنجي پيغامن ۾ ڪارو ڏينهن ملهائڻ جي اپيل ڪندي چيو آهي ته مودي حڪومت 5 آ??سٽ 2019ع تي والاريل ڄ??ون ڪشمير جي خصوصي حيثيت ختم ڪ??ي ڪشميرين جي سڃاڻپ تي هڪ سخت حملو ڪيو. ٻين حريت اڳواڻن ۽ تنظيمن به 5 آ??سٽ تي ڪارو ڏينهن ملهائڻ جي اپيل ڪئي آهي. هنن سڄي دنيا ۾ رهندڙ ڪشميرين تي زور ڀريو ته هو والاريل ڄ??ون ڪشمير جي مظلوم عوام جي مصيبتن ۽ مشڪلاتن طرف عالمي برادري جو ڌيان ڇڪرائڻ لاءِ 5 آ??سٽ سومر ڏينهن احتجاجي مظاهرا ڪن. حريت قيادت واضح ڪيو ته مودي حڪومت ڄ??ون ڪشمير جي تڪراري خطي جي خصوصي حيثيت ختم ڪ??ي ڪشمير بابت گڏيل قومن جي قراردادن سان گڏوگڏ عالمي قانونن، اصولن ۽ ضابطن جي به سنگين ڀڃڪڙي ڪئي آهي. هنن چيو ته آزادي پسند ڪشميرين مودي حڪومت جي غير قانوني ۽ هڪطرفي قدمن کي هڪدم رد ڪري ڇڏيو آهي ۽ هو پنهنجي شهيدن جي مقدس مشن جي تڪميل تائين جدوجهد جاري رکڻ لاءِ پرعزم آهن.