لاهور -04 آگسٽ (اي پي پي)اڳوڻي ڊپٽي اٽارني جنرل آف پاڪستان شيخ انوار الحق چيو آهي، ته ڀارتي حڪومت ڀار?? جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير ۾ ظلم ۽ ڏاڍ جي با??ار گرم ڪري رکي آهي، ڀارت ۾ نه رڳو ڪشميرين پر ٻين اقليتن لاءِ به ??ند??ي ڏکي بڻائي ڇڏي آهي، سڀئي پاڪستاني ڪشميري عوام سان گڏ بيٺل آهن ۽ انهن جي جدوجهد ۾ سندن ساٿ ڏيندا. هن يوم استحصال ڪشمير جي حوالي سان ڳالهائيندي چيو ته ڀار?? جي هڪ طرفي طور غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير جي خاص حيثيت ختم ڪري ڇڏي، جنهن جي نتيجي ۾ اتي جي عوام جا حق پائمال ٿي رهيا آهن. هن عالمي برادري جي بي حسي تي افسوس جوا ظهار ڪندي چيو ته ڀار?? جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير ۾ بي گناهه ڪشميرين تي ٿيندڙ انسانيت کي ڏکوئيندڙ ظلمن تي عالمي برادري جي خاموشي انتهائي افسوسناڪ آهي. هن چيو ته مشڪل ترين حالتن ۾ به ڪشميرين جو عزم ۽ حوصلو بلند آهي ۽ هو پنهنجي جدوجهد کان پوئتي نه هٽندا. هن چيو ته ڪشمير پاڪستان جي ڪرنگهي جي هڏي آهي ۽ پاڪستان کان سواءِ اڻ پورو آهي، پاڪستان ڪشمير جي مسئ??ي تي پنهنجي موقف کان هڪ انچ به پوئتي نه هٽندو ۽ ڪشميري عوام جي سفارتي، سياسي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو.