اسلام آباد – 12 – جولائي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي صدارت ۾ پرڏيهي وزارت ۾ اعليٰ سط??ي ڪميٽي جو پهريون اجلاس ٿيو جنهن ۾ هن سال 15 ۽ 16 آڪٽوبر تي اسلام آباد ۾ ٿيندڙ ايس سي او ڪائونسل آف هيڊز آف ??ور??مينٽ (سي ايڇ جي) جي اجلاس جي ضرورتن ۽ انتظامن جو جائزو ورتو ويو. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب اسلام آباد ۾ ايس سي او ڪائونسل آف هيڊز آف ??ور??مينٽ جي اجلاس جي ميزباني کي بهتر انداز ۾ يقيني بڻائڻ جي لاءِ وزيراعظم جي هدايت تي اعليٰ سط??ي ڪميٽي جوڙي وئي آهي. ڪميٽي جي ميمبرن ۾ اقتصادي معاملن، گهرو معامل، اطلاعات ۽ نشريات وارن وارن وفاقي وزيرن کانسواءِ پرڏيهي معاملن، ڪابينا ۽ گ??رو معاملن جا سيڪريٽريز ۽ سي ڊي اي چيئرمين شامل آهن. ڪميٽي ضرورت?? جي تعين تي خيال?? جي ڏي وٺ ڪئي ۽ لاڳاپيل عملدارن کي ايس سي او جي مشق، پاڪستا?? جي عالمي حيثيت، پاڪستا?? جي روايتي مهمان نوازي سان هم آهنگ موثر انتظام ڪرڻ جي هدايت ڪئي. ڪميٽي جي ميمبرن جاري تيارين تي اطمينان جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير تياري?? جي رفتار کي برقرار رکڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. 2017ع ۾ ايس سي او جو مڪمل ميمبر بڻجڻ کانپوءِ کان پاڪستان ايس سي او جي مختلف فارميٽس ۾ سرگرمي سان حصو وٺي رهيو آهي. پاڪستان ايس سي او ڪائونسل آف هيڊز آف ??ور??مينٽ (سي ايڇ جي) جي چيئر طور هن سال خزان ۾ ڪائونسل آف هيڊز آف ??ور??مينٽ جي 23 هين اجلاس جي ميزباني ڪندو. ڪائونسل آف هيڊز آف ??ور??مينٽ ايس سي او جو ٻيو اعليٰ ترين فيصلاساز ادارو آهي، اهو سماجي، اقتصادي، ثقافتي ۽ ٻين انساني تعاو?? جي مسئلن سان گڏوگڏ ايس سي او جي بجيٽ ۽ مالياتي معاملن بابت آهي.