اسلام آباد – 11 – جولائي (اي پي پي) پ??ڪس??ان ۽ آذربائيجان جي وچ ۾ ٽرا??زٽ ٽريڊ، سياحت جي فروغ، ڪلچرل ايڪسچينج پروگرام سميت 14 معاهدن ۽ مفاهمت جي يادداشتن تي صحيحون ڪيون ويون. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري تفصيل مو??ب وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ آذربائيجان جي صدر الهام عليوف جي مو??ودگي ۾ وزيراعظم هائوس ۾ انهن معاهدن تي صحيحون ڪيون ويون. انهن ۾ پ??ڪس??ان جي پرڏيهي معاملن واري وزارت ۽ آذربائيجان جي پرڏيهي معاملن واري وزارت جي وچ ۾ قونصلر افيئرز تي مفاهمت جي يادداشتن تي صحيحون ڪيون ويون. پ??ڪس??ان جي نجڪاري واري وزارت ۽ آذربائيجان جي اڪانومي واري وزارت جي وچ ۾ رياستي ادارن جي نجڪاري جي شعبي ۾ تعاون جي لاءِ مفاهمت جي يادداشت تي صحيحون ڪيون ويون. پ??ڪس??ان حڪومت ۽ آذربائيجان حڪومت جي وچ ۾ ٽرا??زٽ ٽريڊ، ترجيحي واپاري معاهدي تي صحيحون ڪيون ويون. آذربائيجان جي انصاف واري وزارت ۽ پ??ڪس??ان جي قانون ۽ انصاف واري وزارت جي وچ ۾ تعاون جي معاهدي، پ??ڪس??ان حڪومت ۽ آذربائيجان حڪومت جي وچ ۾ معدني وسيلن ۽ جيالوجي جي شعبي ۾ تعاون جي لاءِ مفاهمت جي يادداشت تي صحيحون ڪيون ويون. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڪلچرل ايڪسچينج پروگرام سال 29 – 2024ع تي صحيحون ڪيون ويون. ان کانسواءِ آذربائيجان جي ڊيجيٽل ڊيولپمينٽ ۽ ٽرانسپورٽ واري وزارت ۽ پ??ڪس??ان جي انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي مو??صلات واري وزارت جي وچ ۾ انفارميشن ۽ ڪميونيڪشن ٽيڪنالاجيز جي شعبي ۾ تعاون جي لاءِ مفاهمت جي يادداشت تي صحيحون ڪيون ويون.ان کانسواءِ آذربائيجان ٽيليويزن ۽ ريڊيو براڊ ڪاسٽنگ ۽ پ??ڪس??ان ٽيليويزن ڪارپوريشن جي وچ ۾ تعاون جي لاءِ مفاهمت جي يادداشتن ۽ پ??ڪس??ان حڪومت ۽ آذربائيجان حڪومت جي وچ ۾ سائينٽفڪ ۽ ٽيڪنالوجيڪل ڪوآپريشن جي لاءِ معاهدي تي صحيحون ڪيون ويون. ٻنهي اڳواڻن جي مو??ودگي ۾ پ??ڪس??ان حڪومت ۽ آذربائيجان حڪومت جي وچ ۾ سياحت جي شعبي ۾ تعاون جي لاءِ معاهدي، اسلام آباد ۽ باڪو کي سسٽر سٽيز قرار ڏيڻ جي لاءِ مفاهمت جي يادداشت تي صحيحون ڪيون ويون. سمال ۽ ميڊيم بزنس ڊيولپمينٽ ايجنسي آذربائيجان ۽ سميڊا پ??ڪس??ان جي وچ ۾ مفاهمت جي يادداشت تي صحيحون ڪيون ويون. ادب جي شعبي ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تعاون جي لاءِ نظامي گنجوي انسٽيٽيوٽ آف لٽريچر آذربائيجان نيشنل اڪيڊمي آف سائنسز ۽ پ??ڪس??ان اڪيڊمي ادبيات جي وچ ۾ مفاهمت جي يادداشت تي صحيحون ڪيون ويون.