اسلام آباد-10 جولاءِ (اي پي پي) پاڪستان ۾ چين جي سفير جيانگ زيڊونگ چيو آهي ته چين ۽ پاڪستان وچ ۾ ڏهاڪن تي ٻڌل دوستي جو رشتو مضبوط ۽ مستحڪم آهي، ٻئي ملڪ امن ۽ ترقي جا خواهشمند آهن. اهڙو اظهار هن سي پيڪ تي ٿيل عالمي ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. چيني سفير چيو ته اسان کي امن ۽ ترقي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو، چين پاڪستان ۾ امن ۽ ترقي جو خواهشمند آهي. هن چيو ته عالمي سطح تي انصاف لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي، چين دنيا جي ڏاکڻي علائقن جو ميمبر ملڪ آهي، هاڻوڪن ڪجهه سالن ۾ دنيا جي ڏکڻ طرف جا ملڪ معاشي ترقي جي علامت بڻجي اڀريا آهن، چيني سفير چيو ته دنيا جي ڏکڻ خطي ۾ واقع ملڪ عالمي معاملن ۾ گهري دلچسپي وٺي رهيا آهن. چين جي صدر شي جن پنگ ڏکڻ جي ملڪن ۾ ترقي جي عمل کي هٿي ڏيڻ لا??ِ فورم فر??هم ڪيو آهي. هن چيو ته چين جي صدر دنيا جي ڏاکڻي ملڪن جي ترقي لاءِ ??هم قدم کنيا آهن، وزيراعظم شهباز شريف جي چين جي دوري ۾ ٿيل مفاهمتي يادداشتن کي اڳتي وڌايو ويندو. هن چيو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ اسٽريٽجڪ لاڳاپن کي سي پيڪ ذريعي اڳتي وڌايو پيو وڃي. گوادر بن??رگاهه ۽ خصوصي اقتصادي زونز ذريعي روانگي واپار ۾ اضافي جا بي پناهه موقعا موجود آهن. هن چيو ته پاڪستان ۽ چين وچ ۾ گرين انر??ي، تيل ۽ گئس جي ڳولا ۽ آءِ ٽي جي شعبن ۾ تعاون وڌايو ويندو، اقتصادي راهداري ذريعي سمورا ملڪ سيڙپڪاري ڪري سگهن ٿا.