اسلام آباد -08 جولاءِ (اي پي پي) گهرو معاملن بابت وفاقي وزير محسن نقوي پروٽيڪٽيڊ صارفين کي رليف ڏيڻ لاءِ سڀني ڊسڪوز جي ڊيٽا طلب ڪئي آهي. گذريل ڏينهن وفاقي گهرو وزير محسن نقوي جي صدارت هيٺ گهرو وزارت ۾ اجلاس م??عقد ٿيو. محسن نقوي پروٽيڪٽڊ صارفين کي نان پروٽيڪٽڊ ڪيٽگري ۾ شامل ڪرڻ تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي ايف آءِ اي جي سمورن ڊائريڪٽرز کي ڊسڪوز جي ڊيٽا کي چي?? ڪري رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي. هن 3 ڏينهن ۾ ايف آءِ اي ڊائريڪٽرز کي سموريون شاهديون گڏ ڪرڻ جو ٽاسڪ ڏئي ڇڏيو. گهرو وزير چيو ته سڀني شاهدين جي جامع رپورٽ وزيراعظم کي پيش ڪئي ويندي، پروٽيڪٽيڊ صارفين سان ناانصافي جو ازالو ڪرڻ ضروري آهي. محسن قوي ايڊيشنل ڊي جي ايف آءِ اي نارٿ کي پشاور، لاهور، گوجرانوالا ۽ فيصل آب??د پاڻ وڃي صورتحال جو جائزو وٺڻ ۽ ڊيٽا جمع ڪرڻ جي هدايت ڪئي ۽ چيو ته شاهدين جو جائزو وٺي ذميدارن جو تعين ڪيو وڃي. اجلاس ۾ اوور بلنگ جي معاملي جو جائزو ورتو ويو. ايف آءِ اي اختيارين اوور بلنگ تي بريفنگ ڏني. گهرو وفاقي سيڪريٽري، ا??ڊيشنل ڊي جي ايف آءِ اي هيڊ ڪوارٽر، ا??ڊيشنل گهرو سيڪريٽري، ا??ڊيشنل ڊي جي ايف آءِ اي نارٿ ۽ لاڳاپيل اختيارن اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. ايف آءِ اي جا سمورا ڊائريڪٽرز ويڊيو لنڪ ذريعي اجلاس ۾ شريڪ ٿيا.