ملتان – 23 – مئي (اي پي پي) وق??ي صدر سيد يوسف رضا گيلاني سان ملتان ۾ واپارين ۽ صنعتڪارن جي ??فد ملاقات ڪئي. ان موقعي تي سيد يوسف رضا گيلاني جو چوڻ هو ته صدر آصف علي زرداري سدائين چين سميت دوست ملڪن کي راغب ڪيو ته اهي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ڪن. هن چيو ته سي پيڪ جهڙن گيم چينجرز منصوبن جي شروع ٿيڻ ۾ صدر آصف علي زرداري جون ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن. وق??ي صدر ملڪي معيشت ۾ واپارين جي ڪردار کي ساراهيندي انهن کي ??قين ڏياريو ته ايندڙ وفاقي بجيٽ ۾ واپارين جي ??سئلن کي ??ظرانداز نه ڪيو ويندو. وق??ي صدر سان ملاقات ڪندڙ واپارين ۾ صدر چيمبر آف ڪامرس م??تان راشد اقبا??، رومانه تنوير شيخ، انڊسٽريل اسٽيٽ بورڊ آف مئنيجمينٽ جي صدر آصف مجيد، چوڌري وحيد ارشد، خواجه جلال الدين رومي، خواجه يونس ۽ ٻيا شامل هئا. واپاري برادري سينيٽ چيئرمين جو عهدو سنڀالڻ ۽ قومي اسيمبلي جي تڪ 148 جي ضمني چونڊن ۾ علي قاسم گيلاني جي ڪاميابي تي يوسف رضا گيلاني کي ??بارڪباد ڏني. ان موقعي تي ناليواري صنعتڪار ميان تنوير شيخ جي رهائشگاهه تي وق??ي صدر جي اعزاز ۾ مانجهاندو پڻ ڏنو ويو. ان کان اڳ وق??ي صدر سيد يوسف رضا گيلاني ڪمرشل فلائيٽ پي ڪي ذريعي ملتان ايئرپورٽ پهتو ته ملتان سان تعلق رکندڙ قومي اسيمبلي ميمبرن عبدالقادر گيلاني، علي قاسم گيلاني، صوبائي اسيمبلي ميمبرن علي حيدر گيلاني، ڪامران مڙل ۽ راڻا اقبال سراج سميت ايڊيشنل چيف سيڪريٽري ڏکڻ پنجاب فواد هاشم رباني، ڪمشنر ملتان مريم خان، ڊپٽي ڪمشنر رضوان قدير ۽ ٻي مقامي انتظاميا استقبال ڪيو.