اسلام آباد– 11 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جمعيت علماءِ اسلام جي سربراهه مولانا فضل الرحمان کي ٽيليفون ڪئي ۽ عيد جي مبارڪباد ڏني. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان مو??ب وزيراعظم شهباز شريف مولانا فضل الرحمان کي ٽيليفون ڪئي ۽ کيس عيدالفطر جي مبارڪباد ڏيندي نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. مولانا فضل الرحمان پڻ وزيراعظم کي عيد جي مبارڪباد ڏني. ٻنهي اڳواڻن پا??ست??ن جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ دعا ڪئي. ٻنهي اڳواڻن عيد جي موقعي ت?? فلسطين ۽ ڪشمير جي عوام تي ظلم ۽ ڏاڍ جي خاتمي لاءِ پڻ دعا ڪئي.