اسلام آباد – 11 – جنوري (اي پي پي) پاڪستان چيو آهي ته هو گڏيل قوم?? جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي منصفاڻي ۽ پرامن حل جي لاءِ ڪشميري?? جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته 5 جنوري ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام جي خودمختياري جي ڏينهن طور ملهايو ويو. 1949ع ۾ ان ڏينهن گڏيل قوم?? جي هندستان ۽ پاڪستان بابت ڪميشن (يو اين سي آئي پي) ان ڳالهه جي ضمانت ڏني هئي ته ڄمون ۽ ڪشمير ۾ آزاداڻو ۽ منصفاڻو ريفرنڊم ڪرايو ويندو ته جيئن ڪشميري عوام پنهنجي خودمختياري جو حق استعمال ڪري سگهي. ترجمان چيو ته خودمختياري جو حق عالمي قانون جو هڪ بنيادي اصول آهي، هر سال گڏيل قوم?? جي جنرل اسيمبلي هڪ قرارداد منظور ڪري ٿي جيڪا ماڻهن کي پنهنجي تقدير پاڻ طئي ڪرڻ جڪي قانوني حق جي توثيق ڪري ٿي، اهو غيرملڪي قبضي تحت ماڻه?? جي خودمختياري جو حق حاصل ڪرڻ جي لاءِ غيرواضح حمايت جو اظهار ڪري ٿ??. ه?? چيو ته ڀارت 70 سال کان وڌيڪ عرصي کان ڪشميرين کي انه?? جي فتح نه ٿيڻ جوڳي خودمختياري جي حق کان محروم رکيو آهي. ترجمان ڀارت تي زور ڏنو ته هو پنهنجي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام جي حقن ۽ آزادي جو احترام ڪري ته جيئن ڪشميري عوام گڏيل قوم?? جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن موجب پنهنجي خودمختياري جو هق استعمال ڪري سگهي. هن چيو ته پاڪستان گڏيل قوم?? جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي منصفاڻي ۽ پرامن حل جي لاءِ پنهنجي ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينر?? جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو.