منيلا- 06 ڊسمبر (اي پي پي) ايشيائي ترقياتي بئنڪ (اي ڊي بي) پاڪستان لاءِ 65 ڪروڙ 88 لک ڊالرن جي قرض جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. اي ڊي بي طرفان جاري پڌرائي موجب پاڪستان لاءِ 65 ڪروڙ 88 لک ڊالر قرض جي منظوري ڏني وئي آ??ي ۽ اها رقم ٽن مختلف منصوبن تي خرچ ڪئي ويندي. بئنڪ جو چوڻ آهي ته فنڊن جي فراهمي جو مقصد پائيدار معاشي ترقي جا هدف حاصل ڪرڻ آهي. هي مقامي وسيلا وڌائڻ ۽ ٻ??ڏ سبب تباهه ٿيل اسڪولن جي بحالي تي خرچ ٿيندا، انهن فنڊن سان غذائي تحفظ لاءِ زرعي پيداوار ۾ اضافو ۽ پاڪستان کي تازي تباهي آڻيندڙ ٻوڏ سبب پيدا ٿيل بحر??ن م??ن نڪرڻ ۾ مدد ملندي. پڌرائي موجب اي ڊي بي جو مقصد پاڪستان جي معاشي صورتحال ۾ بهتري ۽ عوام جي زندگي جو معيار بهتر بڻائڻ آهي، ??ن مان 30 ڪروڙ ڊالر مقامي وسيلا وڌائڻ لاءِ پاليسي سڌارن تي خرچ ڪيا ويندا. اي ڊي بي جو چوڻ آهي ته پروگرام جو مقصد ٽيڪس، انتظامي معاملا، مينيجمينٽ جا خرچ ۽ سيڙپڪاري ۾ بهتري آڻڻ آهي. ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي ايشيا بابت ڊائريڪٽر جنرل يوگيني زوڪوف چيو ته فنانسنگ جي هي اهم نئين لهر پاڪستان کي گذريل سال جي بحران ۽ سپر فلڊ جي اثرن م??ن نڪرڻ ۽ ڊگهي مدي واري ترقي جي راهه تي واپس آڻڻ ۾ مدد ڏيندي.