برسلز – 29 – نومبر (اي پي پي) نگران پرڏيهي وزير جليل ??باس جيلاني بيلجيئم جي گادي واري شهر برسلز ۾ پاڪستان بيلجيئم پارلياماني فرينڊ شپ گروپ جي چيئرپرسن سينيٽر ايليسيا ڪليس ۽ يورپي يونين جي ميمبرن سان ملاقات ڪئي. بيلجيئم ۾ پاڪس??ان?? سفارتخاني پار??ن جاري بيان موجب ملاقات ۾ يورپي پارليامينٽ ميمبرن راسا جڪنيوسين، فوبيا ماسيمو ڪاسٽالڊو، آنگاهاگا، برن هارڊ زيمنيوڪ، ٿامس زيچو وسڪي ۽ هروجاون شريڪ هئا. ان موقعي تي نگران پرڏيهي وزير جليل ??باس جيلاني چيو ته پاڪستان يورپي يونين سان ٻطرفي گهڻي رخي لاڳاپن کي خصوصي اهميت ڏي ٿو. هن يورپي پارليامينٽ ميمبرن کي اهم علائقائي ۽ عالمي معاملن تي پاڪست??ن جي موقف کان آگاهه ڪيو. نگران پرڏيهي وزير چيو ته عالمي برادري ڀارت پاران معصوم ڪشميرين تي جاري ظلمن جو سلسلو بند ڪرائڻ جي ??اء?? دٻاءُ وجهي. هن چيو ته ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ جاري اظهار جي آزادي جي پابندين ۽ انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين جي خاتمي ??اء?? عالمي برادري ۽ انساني حقن جي عالمي تنظيمن سان تعاون جي گهرجائو آهيون، پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب معصوم ڪشميرين کي انهن جو جائز حق خودمختياري جو حق ڏيارڻ جي ??اء?? پنهنجي اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي معاونت جاري رکندو. نگران پرڏيهي وزير پاڪستان بيلجيئم پارلياماني فرينڊ شپ گروپ ي چيئرپرسن سينيٽر ايليسيا ڪليس سان پڻ ملاقات ڪئي ۽ معيشت، واپار، سيڙپڪاري، تعليم، ثقافت ۽ سياحت سميت گڏيل ??لچسپي جي مختلف شعبن ۾ ٻطرفي تعاون جي فورغ جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ان موقعي تي يورپي يونين، بيلجيئم ۽ لڪسمبرگ جي ??اء?? پاڪست??ن جي سفير آمنه بلوچ پڻ نگران پرڏيهي وزير سان گڏ هئي.