ڪابل – 27 – آڪٽوبر (اي پي پي) افغانستان جي گادي واري شهر ڪابل ۾ پاڪستاني سفارتخاني ڪالهه جمعي ڏينهن والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ جاري ڀا??تي ظلمن جي خلاف ڪارو ڏينهن ملهايو ۽ غيرقانوني ڀا??تي قبضي جي خلاف مزاحمت ۾ ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام جي قربانين کي زبردست خراج عقيدت پيش ڪيو ويو. صدر، نگران وزيراعظم ۽ نگران پرڏيهي وزير ??ا خصوصي پيغام پڻ پڙهي ٻڌايا ويا. ان موقعي تي ڀا??تي قابض فوج پاران والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ معصوم مسلمانن تي ڪيل ظلمن تي هڪ دستاويزي فلم پن ڏيکاري وئي. پنهنجي خطاب ۾ مشن جي سربراهه سفير عبيدالرحمان نظاماڻي ڪشميرين جي خودمختياري جي حق جي منصفاڻي جدو??هد ۾ انهن جي اڻٿڪ سفارتي، اخلاقي ۽ سياسي حمايت جو ورجاءُ ڪيو.