ڪوئيٽا-19 آڪٽوبر (اي پي پي) ??لو??ستان جي نگران وڏ?? وزير مير علي مردان خان ڊومڪي سان تعليم ۽ پي??يوراڻي تربيت واري نگران وفاقي وزير مدد علي سنڌي ملاقات ڪئي ۽ وفاقي حڪومت جي تعاون سان ??لو??ستان جي تعليمي ۽ فني تعليم جي مخصوص ادارن ۾ جاري پروگرامن جي باري ۾ آگاهه ڪيو. ان موقعي تي ناڻي ۽ روينيو وارو نگران صوبائي وزير امجد رشيد ۽ ٻيا پڻ موجود هئا. مير علي مردان خان ڊومڪي تعليم واري وفاقي وزير طرفان صوبي ۾ جاري منصوبن کي ساراهيو، هن چيو ته وفاقي حڪومت جي تعاون سان ??لو??ستان ۾ جديد فني تعليم جي ادارن کي فعال ڪنداسين، ان مقصد لاءِ عالمي ۽ قومي مارڪيٽ جي گهرج موجب تربيت يافته افرادي قوت پي??ا ڪرڻ لاءِ صوبي ۾ ادارن جي صلاحيت وڌائي ويندي ۽ فني تربيت جي فراهمي لاءِ قائم ادارن کي فعال بڻايو پيو وڃي، نگران وڏ?? وزير چيو ته موجوده دور جي گهرجن موجب فني تعليمي ادارن جي معيار کي ڀروسي جوڳو بڻائي انهن جي ساک بهتر بڻائي وڃي ته جيئن لاڀائتا نتيجا حاصل ٿي سگهن. مير علي مردان ڊومڪي نگران وفاقي وزير کي صوبائي حڪومت طرفان هر ممڪن سهڪار جي خاطري ڪرائيندي چيو ته ??لو??ستان سميت سڄي ??لڪ ۾ تعليم جي بهتري ۽ فني تعليم کي هٿي وٺرائڻ لاءِ وارا قدم ساراهه جوڳا آهن، وفاقي وزير مدد علي سنڌي ٻڌايو ته وفاقي ادارن جي انتظامي معاملن ۾ ??لو??ستان سميت سمورن صوبن جي نمائندي يقيني بڻائي ويندي، نرسنگ ۽ ڪلچر لاءِ ??لو??ستان لاءِ 117 ملين روپيا رکيا ويا آهن اهي وظيفا ميرٽ تي ورهايا ويندا. هن چيو ته ??لو??ستان جي يونيورسٽين کي درپيش مسئلن جي حل لاءِ هائير ايجوڪيشن ڪميشن سان نتيجا ڏيندڙ ڳالهه ٻولهه ڪئي ويندي ۽ يونيورسٽين جا جا مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل ڪيا ويندا. هن چيو ته ??لو??ستان سميت چئني صوبن جي نگران وزيرن تي ٻڌل اعليٰ سطحي ڪميٽي تعليم ۽ فني تربيت بابت معاملن کي لاڀائتو بڻائيندي ۽ گڏيل مشاورت سان پاڪستان جي تعليمي نظام کي هڪ اهڙي رخ طرف وٺي ويندا جتي نوجوانن جي بهتر مستقبل جي ضمانت ثابت ٿئي، ان موقعي تي نگران وڏ?? وزير، نگران وفاقي وزير مدد علي سنڌي کي سوينئر پي?? ڪيو جڏهن ته وفاقي وزير پنهنجي ڪتابن جو تحفو وڏ?? وزير کي پي?? ڪيو.