اسلام آباد – 09 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران وزيراع??م انوارالحق ڪاڪڙ سان نئين مقرر ٿيل چيف آ?? نيول اسٽا?? ايڊمرل نويد اشرف ملاقات ڪئي ۽ پاڪ بحريه بابت پيشيواراڻي معاملن تي پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراع??م انوارالحق ڪاڪڙ سان نئين مقرر ٿيندڙ چيف آ?? نيول اسٽا?? ايڊمرل نويد اشرف ملاقات ڪئي. نگران وزيراع??م ايڊمرل نويد اشرف کي پاڪ بحريه جي ڪمان سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. نگران وزيراعظم چيو ته اميد آهي ته توهان جي سربراهي ۾ پاڪ بحريه ملڪي دفاع ۾ پنهنجو فعال ڪردار ادا ڪندي رهندي. ملاقات ۾ پاڪ بحريه سان لاڳاپيل پيشيواراڻي معاملن تي پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي.