اسلام آباد-21 سيپٽمبر (اي پي پي) تعليم واري نگران وفاقي وزير مدد علي سنڌي چيو آهي ته قومي نصاب ڪائونسل جي مسودي ??ي سمورن صوبن جو اتفاق آهي، اٺين جماعت تائين نئون نصاب لاڳو ٿيندو، اسان کي پنهنجي تعليمي نظام کي ??دل??و پوندو. قومي نصاب ڪائونسل سيڪريٽريٽ جي دؤري جي موقعي تي پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي هن چيو ته سڄي ملڪ ۾ هڪ نصاب پڙهائڻ جي حوالي سان جائزو ورتو پيو وڃي. هن چيو ته تعليم کانسواءِ ترقيءَ جو ڪو رستو ناهي، 80 سيڪڙو ٻار سر??ار?? اسڪولن ۾ پڙهن ٿا، پر اسڪولن جي حالت بهتر نه ٿي سگهي آهي. هن چيو ته اسلام آباد جي ڪيترن ئي اسڪولن جو اوچتو دؤرو ڪيو آهي. سر??ار?? اسڪولن ۾ وڌيڪ ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي، شاگردن جي مسئلن کي حل ڪنداسين. هن چيو ته ايڇ اي سي طرفان پي ايڇ ڊي جي ڊ??ري?? جي جاري ڪرڻ تي ڪوبه چيڪ بئلنس ناهي. هن چيو ته ملڪ ۾ تعليم جو نظام خراب آهي، ان کي ??دل?? جي ضرورت آهي.