نيويارڪ – 20 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 78 هين اجلاس جي موقعي تي نيويارڪ ۾ ڪيوبا جي هم منصب برونوروڊ ريگوز پاريلا سان ملا??ات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب ڌرين ملا??ات دوران ٻطرفي، گهڻ رخي ۽ علائقائي مع??ملن جي وسيع موقعن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. نگران پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان ۽ ڪيوبا جي وچ ۾ مختلف علائقائي ۽ عالمي مع??ملن تي گڏيل خيال رکندڙ بهترين لاڳاپا آهن. هن گهڻ رخي فورمن خاص طور تي گڏيل قومن، غيروابسته ملڪن جي تحريڪ ۽ جي 77 ۽ چين جي وچ ۾ ويجهي تعاون کي ساراهيو. نگران پرڏيهي وزير 2005ع ۾ پاڪستان ۾ ايندڙ تباهي آڻيندڙ زلزلي کانپوءِ ڪيوبا پاران ڏني ويندڙ طبي امداد تي پاڪستاني عوام جا دل سان ٿورا مڃيا. نگران پرڏيهي وزير جيلاني 2023ع ۾ جي 77 ۽ چين جي سربراهي دوران ڪيوبا جي لاءِ پاڪستان جي حم??يت جو اظهار ڪيو ۽ ڪيوبا جي نگران پرڏيهي وزير کي 15 ۽ 16 سيپٽمبر تي هوانا ۾ منعقد جي 77 ۽ چين جي سربراهي اجلاس جي ڪامياب انعقاد تي م??ار??باد ڏني. ٻنهي پرڏيهي وزيرن گڏيل دلچسپي جي شعبن خاص طور تي واپار، بائيو ٽيڪنالاجي، صحت ۽ تعليم جي شعبن ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ وڌائڻ جي ضرورت تي اتفاق ڪيو.