اسلام آباد – 04 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان سياحن جي لاءِ هڪ بي مثال ملڪ آهي، اي پورٽل سڄي دنيا مان سياحن جي پاڪستان ۾ دلچسپي وڌائڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو، پاڪستان ۾ بي شمار سياحتي ماڳ آهن ۽ خاص طور ت?? ملڪ جي اترئين علائقن جا قدرتي منظر بي مثال آهن، پاڪستان قدرتي وسيلن سان مالامال ملڪ آهي. اهڙن خي??لن جو اظهار وزيراعظم محمد شهباز شريف ”سلام پاڪستان“ برانڊ ۽ اي پورٽل جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته ??قريب ۾ شرڪت خوشي جوڳي آهي، پاڪستان ۾ سياحت، ثقافت ۽ تاريخي ورثي جي فروغ جا وسيع موقعا دستياب آهن، ملڪ ۾ سياحت جي شعبي جي ترقي ۽ فروغ جي لاءِ وزيراعظم جو صلاحڪار عون چوڌري ۽ سندس ٽيم جون ڪوششون قابل قدر آهن. ڀائر اسلام?? ملڪن سميت دنيا جي ڪيترن ئي ٻين ملڪن ثقافت، دستڪاري ۽ سياحت جي شعبي ۾ نمايان ترقي ڪئي آهي. پاڪستان کي الله تعاليٰ بي پناه?? قدرتي وسيلن ۽ خوبصورت منظرن سان نوازيو آهي، خاص طور ت?? ملڪ جي اترئين علائقن ۾ سياحتي ماڳن کي سياحت جي فروغ لاءِ استعمال ڪري سگهجي ٿو. هن چيو ته ??ون چوڌري جي سياحت جي شعبي جي ترقي ۽ پاڪستان جي لاءِ قابل قدر خدمتون آهن. وزيراعظم غيرملڪي سفيرن ۽ سفارتي برادري جي تقريب ۾ شرڪت جي آجيان ڪندي دعا ڪئي ته ??لله تعاليٰ ملڪ ۾ سياحت، ثقافت، تاريخي ورثي ۽ دستڪاري جي شعبي جي ترقي لاءِ سلام پاڪستان برانڊ ۽ اي پورٽل کي ڪاميابي سان نوازي.