اسلام آباد – 31 – جولاءِ (اي پي پي) پاڪستان ۽ چين 6 مختلف دستاويزن تي صحيحون ڪيون آهن. وزيراعظم هائوس ۾ منعقد صحيحن واري تقريب ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ چين جي نائب وزيراعظم هي لي فينگ شر??ت ڪئي جيڪو هڪ وفد س??ن گڏ سي پيڪ جي ڏهين سالگرهه جي تقريبن ۾ شر??ت جي لاءِ ??اڪستان جو دورو ڪري رهيو آهي. ٻنهي ملڪن سي پيڪ تي گڏيل تعاون ڪميٽي جي دستاويز تي صحيحون ڪيون. ان کانسواءِ سي پيڪ جي فريم ورڪ ۾ ايڪسپورٽ ايڪسچينج مڪينزم قا??م ڪرڻ تي مفاهمت جي ياداشت، پاڪستان ۾ چين کي خشڪ ڳاڙهن مرچن جي برآمد جي لاءِ ??ائيٽو سينيٽري جي ضرورتن جي پروٽوڪول ۽ ڪي ڪي ايڇ فيز 2 جي ٻيهر ترتيب جي فزيبلٽي اسٽڊي تي حتمي رپورٽ جي حوالي سان دستاويزن تي پڻ صحيحون ڪيون آهن، جڏهن ته ان کانسواءِ ??اڪستان ۽ چين سفارتي ذريعن سان صنعتي ڪارڪنن جي مٽاسٽا جي پروگرام س??ن گڏوگڏ اسٽريٽجڪ ايم ايل ون منصوبي کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ ??ڪ فني ڪميٽي جي ايڪيهين ڪانفرنس جي منٽس تي پڻ صحيحون ڪيون آهن.