اسلام آباد – 31 – جولاءِ (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري گڏيل عرب امارات جو سرڪاري دورو ڪيو، ابوظهبي ۾ هن گڏيل عرب امارات جي پرڏيهي وزير شيخ عبدالله بن زايد ??لنهيان سان ملاقات ڪئي ۽ شيخ سعيد ??ن زايد ??لنهيان جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظهار ڪيو جيڪو 27 جولاءِ تي لاڏاڻو ڪري ويو هو. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب ٻنهي پرڏيهي وزيرن پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ خطي ۾ ٿيندڙ علائقائي ۽ عالمي اڳڀرائي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. هن واپار، سيڙپڪاري، توانائي، انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ انفراسٽرڪچر سميت ٻطرفي گهڻ رخي تعاون تي اطمينان جو اظهار ڪيو. هن گڏيل طو?? تي مفيد ??قتصادي لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ جي پنهنجي گڏيل عزم جو ورجاءُ ڪيو. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري مشڪل وقت ۾ پاڪستان جي مستقل ۽ اڻٿڪ حمايت تي گڏيل عرب امارات جي قيادت جا ٿورا مڃيا. ان موقعي تي ڳالهه ٻولهه ڪندي شيخ عبدالله بن زايد ??لنهيان گڏيل عرب امارات جي ترقي ۾ پاڪستاني برادري جي اڻٿڪ تعاون کي ساراهيو. ان کان اڳ پرڏيهي وزير دبئي ۾ م??دام تسائو ۾ اڳوڻي وزيراعظم شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي ميڻ جي مجسمي جي نقاب ڪشائي جي تقريب ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي هن مسلمان دنيا جي پهرين عورت وزيراعظم طو?? محترمه بينظير ڀٽو جي نمايان ڪ??رن??من جو ذڪر ڪيو جنهن سڄي دنيا ۾ نوجوانن، عورتن ۽ جمهوري تحريڪن کي متاثر ڪيو.