اسلام آباد_ 22 جولاءِ(اي پي پي) سڌ سماءَ وا??ي وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته پيمرا (ترميمي ) بل تي گذريل هڪ سال دوران سمورن اسٽيڪ هولڊرز سان صلاح مشورا ڪيا آهن، سمورن اسٽيڪ هولڊرز، پي ايف يو جي، پي پي اي، ايمنڊ، سي پي اين ??ي ۽ پي اين ايس کي آن بورڊ ورتو ويو آهي ۽ انهن کي آرا بل ۾ شامل ڪيو ويو آهي، پنهنجي هڪ ٽوئٽ ۾ هن چيو ته مون کي خ??شي آهي، ته قومي اسيمبلي جي سڌ سماءَ بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي پيمرا (ترميمي) بل 2023 منظور ڪيو آهي، اهو بل خميس تي قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪيو ويو هو، ڪميٽي ميمبرن ۽ منهنجي وچ ۾ بحث کانپوءِ ڪميٽي ان بل جي منظوري ??ني، هن چيو ته پيمرا بل کي سمورن اسٽيڪ هولڊرن جي صحيحن سان حتمي شڪل ڏني آهي، بل جي تياري ۾ جوائنٽ ايڪشن ڪميٽي جي فعال شرڪت، وقت، ڪوشش ۽ قيمتي ان پٽ تي انهن جي ٿورائتي آهيان، هن چيو ته بل جو مقصد صحافين جي بهتري سميت پاڪستان ۾ آزاد، ذميوار ۽ اخ??اق??ات تي مشتمل ميڊيا ماحول کي فعال ڪرڻ آهي، جيئن دنيا جي جمهوري ملڪن ۾ آهن.وفاقي وزير وڌيڪ چيو ته بل جي نمايان خاصيتن ۽ ان جي تياري لاءِ وسيع شراڪتي ۽ مشاورتي عمل جي تفصيلن کان پريس ڪانفرنس ۾ آگاه ڪيو ويندو.