اسلام آباد – 28 – جولاءِ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان ۾ اٽڪل هڪ ڪروڙ هيپاٽائيٽس سي جي مريضن جي سڀ کان وڏي آبادي جي ڏس ۾ هيپاٽائيٽس سي جي اسڪرينن?? ۽ ??لد تشخيص کي ترجيح ڏيڻ جي ضرورت آهي، وقت سر ڪارروائي نه ڪرڻ جي صورت ۾ پاڪستان ۾ هيپاٽائيٽس کان متاثر ماڻهن جي انگ ۾ تيزي سان اضاف?? ٿي سگهي ٿو جنهن سان جگر جي ڪينسر جي وبا پکڙجڻ جو خطر?? ٿي سگهي ٿو. صدر اها ڳالهه هيپاٽائيٽس جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چئي جيڪو جمعي ڏينهن (28 جولاءِ) تي پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ ملهايو پيو وڃي. صدر پنهنجي پيغام ۾ چيو ته اڄ اسان هيپاٽائيٽس ۽ لاڳاپيل بيمارين بابت آگاهي پيدا ڪرڻ جي لاءِ هيپاٽائيٽس جو عالمي ڏينهن ملهائي رهيا آهيون، هيپاٽائيٽس بي ۽ سي وائرس کان صحت کي تمام وڏو خطرو آهي ۽ ان سان سڄي دنيا ۾ تمام گهڻيون بيماريون ۽ فوتگيون ٿين ٿيون، اوڀر بحيره روم جي علائقي ۾ هيپاٽائيٽس سي جي بيماري جو 80 سيڪڙو بار مصر ۽ پاڪستان تي آهي. مصر هيپاٽائيٽس سي جي خلاف جنگ ۾ ساراهه جوڳي ڪاميابي حاصل ڪئي آهي ج??هن ته اها هڪ افسوسناڪ ڳالهه آهي ته اڃا به اسان جو ملڪ پنهنجي خطي ۾ ان بار جو هڪ وڏو حصيدار آهي. هن چيو ته هيپاٽائيٽس سي هڪ خطرناڪ ۽ خاموش بيماري آهي، اڪثر ان بيماري جون علامتون ان وقت تائين ظاهر نه ٿيون ٿين جيستائين ان سان جگر کي شديد نقصان نه پهچي چڪو هجي، اسان کي اهو سمجهڻو پوندو ته ان وائرس کان متاثر ماڻهو سالن تائين ان کي گڏ کڻي هلن ٿا جنهن جي نتيجي ۾ انهن کي ج??ر جي بيماري ۽ اڳئين اسٽيج جي ڪينسر جو خطر?? ٿي وڃي ٿو، اسان کي پنهنجي قوم جي ڀلائي يقيني بڻائڻ جي لاءِ هيپاٽائيٽس سي جي اسڪرينن?? ۽ ??لد تشخيص کي ترجيح ڏيڻ جي ضرورت آهي، پاڪستان ۾ اٽڪل هڪ ڪروڙ هيپاٽائيٽس سي جي مريضن جي سڀ کان وڏي آبادي آهي ۽ اهو اسان جو فرض آهي ته اسان پنهنجي پوري آبادي جي فعال طور تي اسڪريننگ ڪريون ۽ هيپاٽائيٽس مثبت ماڻهن جو فوري علاج ڪريون. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته وقت سر ڪارروائي نه ڪرڻ جي صورت ۾ پاڪستان ۾ هيپاٽائيٽس کان متاثر ماڻهن جي انگ ۾ تيزي سان اضاف?? ٿي سگهي ٿو جنهن سان جگر جي ڪينسر جي تباهه ڪندڙ وبا پکڙجڻ جو خطر?? ٿي سگهي ٿو. اڻ ڳڻين فوتگين، جگر جي بيماري ۽ معيشت تي وڏي بار جي صورت ۾ ان جا خطرناڪ نتيجا ٿي سگهن ٿا. صدر چيو ته اسان کي پنهنجي قوم جي صحتمن?? ۽ ??وشحال مستقبل جي لاءِ اڄ ئي قدم کڻڻا پوندا، هيپاٽائيٽس جي عالمي ڏينهن تي اسان هيپاٽائيٽس جي روڪٿام، ڪنٽرول ۽ خاتمي کي قومي ترجيح بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪريون ٿا. صدر چيو ته اسان سڄي ملڪ ۾ احتياطي تدبيرن تي ڌيان ڏيندي اسڪريننگ، ٽيسٽن?? ۽ ??لاج جي سهولتن کي وڌائي رهيا آهيون، اسان کي هيپاٽائيٽس جو خطرو وڌائيندڙ عملن کي فوري ط??ر تي گهٽ ڪرڻو پوندو ۽ ماڻهن ۾ هيپاٽائيٽس کان بچاءُ، اسڪرينن?? ۽ ??لاج بابت آگاهي پيدا ڪرڻي پوندي.