اسلام آباد – 25 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڊيره اسماعيل خان ۾ 8 ترقياتي منص??بن جو افتتاح ۽ پيڙهه جو پٿر رکي ڇڏيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف هڪ ڏي??هن جي دوري تي ڊيره اسماعيل خان پهتو جتي هن مختلف ترقياتي منص??بن جو افتتاح ڪيو ۽ پيڙهه جو پٿر رکيو. ان موقعي تي پي ڊي ايم جي سربراهه مولانا فضل الرحمان، مواصلات واري وفاقي وزير اسعد محمود، توانائي واري وفاقي وزير انجنيئر خرم دستگير، پيٽروليم واري مملڪتي وزير مصدق کانسواءِ علائقي جي معززين ۽ اڳواڻن جو وڏو انگ موجود هو. وزيراعظم جن 8 وڏن ترقياتي منص??بن جو افتتاح ڪيو ۽ پيڙهه جو پٿر رکيو، ا??هن ۾ يارڪ کان پهاڙپور روڊ، بن??ن چوڪ کان موٽروي روڊ، ڊيره اسماعيل خان باءِ پاس، يارڪ کان ٽانڪ سميت مختلف رابطا روڊن، 2020 ڪي وي سب اسٽيشن ۽ تيل ۽ گئس جي فراهمي جا منصوبا شامل آهن.