اسلام آباد – 20 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان بلوچستان نيشنل پارٽي جي چيئرمين ۽ قومي اسيمبلي ميمبر سردار اختر مينگل ملاقات ڪئي. ملاقا?? ۾ ??لڪ جي موجوده سياسي صورتحال تي مشاورت ڪئي وئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ بلوچستان ۾ جاري ترقياتي منصوبن ۽ امن امان جي صورتحال تي ڳالهه ٻولهه ٿي. ملاقا?? ۾ ??زيراعظم بلوچستان نيشنل پارٽي جي حڪومت جي سڌاراجاتي ايجنڊا لاڳو ڪرڻ ۾ اهم ڪردار کي ساراهيو. وزيراعظم ملڪي بهتري جي لاءِ حڪومت جي هر في??لي ۾ بلوچستان نيشنل پارٽي جي حمايت تي ٿورا مڃيا. ملاقا?? ۾ ??فاقي وزير محمد اسحاق ڊار، سردار اياز صادق، احسن اقبال ۽ وزيراعظم جو صلاحڪار احد چيما پڻ شريڪ هئا.