اسلام آباد – 15 – جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ڊي ڪيئر سينٽرز بل 2023ع جي توثيق ڪر?? ڇڏي. بل جو مقصد اسلام آباد ۾ پبلڪ ۽ پرائيويٽ ادارن ۾ ڊي ڪيئر سينٽرز جي سهولت ??راهم ڪرڻ آهي. بل تحت وفاقي حڪومت گهٽ ۾ گهٽ 70 ملازمن وارن ادارن ۾ ڊي ڪيئرز جو قيام يقيني بڻائيندي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب ڊيئر ڪيئر سينٽرز بل 2023ع تحت گهٽ ۾ گهٽ 70 ملازمن وارا نجي ادارا به ملازمن جي سهولت ??اءِ ڊي ڪيئرز جو قيام يقيني بڻائيندا. بل تي عمل??رآ??د نه ڪرڻ جي صورت ۾ پهرين وارننگ کانپوءِ هڪ لک رپين تائين جو ڏنڊ هڻي سگهبو. وڌيڪ عمل??رآ??د نه ڪرڻ جي صورت ۾ 6 مهينا قيد جي سزا به ڏئي سگهبي. صدر بل جي توثيق آئين جي آرٽيڪل 75 تحت ڪئي.