اسلام آباد – 21 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آه?? ته اندروني ۽ ٻاهرئين عملن جي ڪري پيدا ٿيندڙ معاشي چئلينجن جي ڏس ۾ پاڪستان کي خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل جهڙي نمائنده فورم جي ضرورت ڊگهي عرصي کان محسوس ڪئي ??ئي وئي، معاشي پاليسيون جوڙڻ، دوست ملڪن سان سيڙپڪاري کي راغب ڪرڻ جي لاءِ اسپيشل انويسٽمينٽ ??يس??لي ٽيشن ڪائونسل قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آه??، ڪائونسل جو فوري هدف ٻاهرئين سڌوسنئون سيڙپڪاري کي 5 بلين ڊالر تائين وڌائڻ آه??، اها ڪائونسل معيشت جي ڍانچي ۾ بنيادي سڌارن کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ فيصلاسازي جي هڪ اعليٰ فورم طور ڪم ڪندي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته ملڪ کي معاشي چئلينجن مان ڪڍي پائيدار ترقي جي راهه تي گامزن ڪيو آه??، اتحادي حڪومت معاسي پاليسيون جوڙڻ جي مينڊيٽ سان گڏ هڪ اسپيشل انويسٽمينٽ ??يس??لي ٽيشن ڪائونسل (ايس آئي ايف سي) قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آه??، جيڪا معيشت جي بحالي جي لاءِ پاليسي ۾ رهنمائي، تسلسل ۽ موثر لاڳو کي يقيني بڻائيندي. وزيراعظم چيو ته پنهنجي ساخت جي ڪري ڪائونسل معيشت جي ڍانچي ۾ بنيادي سڌارن کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ فيصلاسازي جي هڪ اعليٰ فورم طور ڪم ڪندي. فورم آءِ ٽي، زراعت، توانائي، معدنيات ۽ کاڻ کوٽائي ۽ دفاعي پيداوار جهڙن اهم شعبن تي ڌيان ڏيندو. هن چيو ته دوست ملڪن سان سيڙپڪاري کي راغب ڪرڻ ڪائونسل جي اهم مقصدن مان هڪ آه??. فوري هدف ٻاهرئين سڌوسنئون سيڙپڪاري کي 5 بلين ڊالر تائين وڌائڻ آه??. وزيراعظم چيو ته اندروني ۽ ٻاهرئين عملن جي ڪري پيدا ٿيندڙ معاشي چئلينجن جي ڏس ۾ ڪائونسل جهڙي نمائنده فورم جي ضرورت ڊگهي عرصي کان محسوس ڪئي ??ئي وئي. گهڻ رخي مسئلن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ نصابي ڪتاب جو طريقيڪار هاڻي قابل عمل نه آه??. ان لاءِ معيشت کي پاڻڀرائپ، درآمدات تي ٻڌل ۽ مضبوط، ٻاهرئين لوڏن ۽ هلچل کي برداشت ڪرڻ جي قابل بڻائڻ جي لاءِ گڏيل حڪمت سان فائدو کڻڻ جي اڃا وڌيڪ ضرورت آه??. وزيراعظم چيو ته اسان جي مسئلن جو حل تخليقي خيالن ۾ لڪل آه??.