اسلام آباد – 05 –جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪيپٽن ڪرنل شير خان شه??د (نشان حيدر) کي ان جي 24 هين شهادت جي ڏهاڙي تي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته قوم ڪيپٽن ڪرنل شير خان شه??د سميت پنهنجي سمورن شه??دن کي سلام پيش ڪري ٿي. وزيراعظم آفيس پريس ونگ پاران جاري پيغام ۾ وزيراعظم چيو ته ڪيپٽن ڪرنل شير خان شه??د پاڪس??ان جو اهو بهادر فرزند آهي جنهن جي جرئت، دليري ۽ شجاعت جو اعتراف پاڻ دشمن ڪيو. 17 هزار فٽ جي بلندي تي ڪلتري واري جڳهه تي ملڪ جي دفاع جو حق مثالي فرض شناسي سان ادا ڪيو ۽ پنهنجي جان پاڪ زمين تي قربان ڪري ڇڏي. هن چيو ته ڪيپٽن ڪرنل شير خان پنهنجي نالي وانگر شير بڻجي دشمن کي للڪاريو ۽ ملڪ جي سرحدن ??ان حملي آور دشمنن کي ماري ڀڄايو. ڪيپٽن ڪرنل شير خان پنهنجي جانبازن سان گڏ دشمنن جي مقابلي ۾ انگ گهٽ هجڻ جي با??جو?? پاڪس??ان جي سرحدن جو دفاع ڪيو. وزيراعظم چيو ته قوم پنهنجي شه??دن جي سدائين ٿورائتي رهندي ۽ ان جي درجن جي بلندي لاءِ دعا ڪندي رهندي. هن چيو ته 9 مئي تي ڪيپٽن ڪرنل شير خان سميت ٻين شه??دن جي يادگارن ۽ مجسمن جي بي حرمتي ڪري ندامت جي ڪاري تاريخ لکي وئي، ن??جو??ن نسل خاص طور تي پنهنجي شه??دن جي عظيم قربانين، بهادري ۽ انهن جي وطن سان لازوال محبت کان مڪمل آگاهي حاصل ڪري. وزيراعظم چيو ته 9 مئي جي واقعن سان دنيا خاص طور تي دشمنن کي اهو پيغام ويو ته اسان پنهنجي شه??دن جي عزت نه ٿا ڪريون، جنهن شه??د ملڪ جو دفاع ڪندي جان قربان ڪري ڇڏي ان جي حرمت ۽ ناموس جي حفاظت سڄي قوم ڪندي ۽ ڏوهارين کي سزا ڏيندي. هن چيو ته ڪيپٽن ڪرنل شير خان شه??د خيبرپختونخواهه سان تعلق رکندڙ پهريون نشان حيدر ماڻيندڙ آهي، الله تعاليٰ شه??د جا درجا بلند فرمائي ۽ گهرڀاتين کي صبر عطا فرمائي.