اسلام آبا?? – 09 – جون (اي پي پي) ايندڙ مالي سال 24 – 2023ع جي بجيٽ ۾ سرڪاري شعبي جي ترقياتي پروگرام (پي ايس ڊي پي) تحت سيڙپڪاري بورڊ جي 2 جاري ۽ 2 نئين منصوبن جي لاءِ مجموعي طو?? تي 1114.760 ملين رپ??ا رکيا ويا آهن. جاري ڪ??ل سرڪاري شعبي جي ترقياتي پروگرام جي دستاويز موجب پاڪ چين اقتصادي لنگهه انڊسٽريل ڪارپوريشن ڊيو??پم??نٽ پراجيڪٽ مئنيجمينٽ يونٽ قائم ڪرڻ جي لاءِ 44.368 ملين رپ??ا جڏهن ته سيڪٽر ميپنگ اينڊ ريگيوليٽري ٽرانسفارميشن (سمارٽ) جي لاءِ 150 ملين رپ??ا رکيا ويا آهن. ايندڙ مالي سال 24 – 2023ع جي لاءِ سيڙپڪاري بورڊ جي 2 نئين منصوبن جن ۾ اسلام آباد ماڊل اسپيشل اڪنامڪ زون جي زمين ۽ فزيبلٽي جي لاءِ 405.632 ملين رپ??ا ۽ اسپيشل اڪنامڪ زون ۾ ون اسٽاپ سروس قائم ڪرڻ جي لاءِ 514.760 ملين رپ??ا رکيا ويا آهن. ان کانپوءِ سيڙپڪاري بورڊ جي 2 نئين منصوبن جي لاءِ مجموعي طو?? تي 920.392 ملين رپ??ا رکيا ويا آهن.