اسلام آباد – 09 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف بلوچستان جي ترقياتي منصوبن ۽ مسئلن جي حل جي حوالي سان بلوچستان عوامي پار??ي جا خدشا ختم ڪرڻ جي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ڇڏي، ان موقعي ت?? بي اي پي بجيٽ اجلاس ۾ شرڪت جو فيصلو ۽ حڪومت جي ڀرپور حمايت جو ورجاءُ ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان بلوچستان عوامي پار??ي جي وفد سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي جي قيادت ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ بلوچستان عوامي پارٽي بجيٽ اجلاس ۾ شرڪت جو فيصلو ۽ حڪومت جي ڀرپور حمايت جو ورجاءُ ڪيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف بلوچستان جي ترقياتي منصوبن ۽ مسئلن جي حل جي حوالي سان بلوچستان عوامي پار??ي جا خدشا ختم ڪرڻ جي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ڇڏي. سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي، خالد حس??ن مگسي، مولانا غفور حيدري، آغا حس?? بلوچ، اسحاق ڊار، احسن اقبال، ڊاڪٽر مصدق ملڪ، اعظم نذير تارڙ ۽ منظور ڪاڪڙ ڪمي??ي جا ميمبر هوندا، ڪميٽي ايندڙ هفتي ت??صيلي مشاورت کانپوءِ پنهنجون سفار??ون پيش ڪندي. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته بلوچستان عوامي پارٽي حڪومت جي اهم اتحادي آهي جنهن حڪومت جي هر فيصلي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، پاڪستان جي ترقي بلوچستان جي ترقي سان مشروط آهي. هن چيو ته بلوچستان جي تر??ي، بلوچستان عوامي پارٽي سان مشاورت ۽ انهن جي راءِ کانسواءِ ممڪن نه آهي. سينيٽ چيئرمين بلوچستان جي ترقي لاءِ وزيراعظم جي ذاتي دلچسپي ۽ خصوصي قدمن تي ان کي خراج تحسين پيش ڪيو. ملاقات ۾ قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ، قومي اسيمبلي ميمبر ۽ بلوچستان عوامي پار??ي جي پارلياماني ليڊر خالد حس??ن مگسي ۽ سينيٽر نصيب الله بازئي پڻ شرڪت ڪئي.