اسلام آباد – 05 – جون (اي پي پي) پرڏيهي معاملن وا??ي مملڪتي وزير حنا رباني کر اڄ 5 جون کان 13 جون تائين ناروي، سوئيڊن، ڊينمارڪ ۽ بيلجيئم جو سرڪاري دورو ڪندي. پرڏيهي آفيس موجب پرڏيهي معاملن وا??ي مملڪتي وزير انهن ملڪن جي دوري دوران ??رقي، واپار ۽ موسمياتي تبديلي جي چئلينجز ۽ مسئلي بابت تعاون تي خيالن جي ڏي وٺ ج?? لاءِ وزارتي سطح تي اجلاسن ۾ شرڪت کانسواءِ قانونسازن ?? مقامي واپارين سان پڻ ملاقات ڪندي. حنا رباني کر بيلجيئم ۾ يورپي پارليامينٽ جي ميمبرن ۽ يورپي ڪميشن جي سينيئر عملدارن سان ملاقاتون ڪندي. سوئيڊن ۾ مملڪتي وزير پرڏيه?? لاڳاپن بابت يورپي ڪائونسل جي سالياني اجلاس ۾ اهم مقرر طور شرڪت ڪندي. هوءَ علائقائي ۽ عالمي اهميت جي مسئلن تي پاڪستان ??و موقف پيش ڪندي ۽ پرڏيهي پاليسي جي ترجيحن ۽ چئلينجز تي بحث ج?? لاءِ يورپ جي اهم فيصلاسازن، ماهرن، ٿنڪ ٽينڪس ۽ اثررسوخ رکندڙ شخصيتن سان ڳالهه ٻولهه ڪندي.