اسلام آباد – 11 – مئي (اي پي پي) پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر چيو آهي ته پاڪستان آفريقي م??ڪن سان پنهنجي لاڳاپن کي خصوصي ا??ميت ڏي ٿو، آفريقي م??ڪن ۾ تازو ئي پاڪستان جا 5 سفارتخانا ??ائ?? ڪيا ويا آهن. پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر اهڙن خيالن جو اظهار اسلام آباد ۾ اي??وپ??ا جي سفارتخاني جي ا??تتاح جي موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير چيو ته پاڪستان ۾ اي??وپ??ا جي سفارتخاني جي قيام ۽ ٻنهي م??ڪن جي وچ ۾ اڏامن جي شروعات ٻطرفن لاڳاپن جي فروغ جي سلسلي ۾ اهم سنگ ميل آهي. ان کان اڳ مملڪتي وزير حنا رباني کر ۽ اي??وپ??ا جي پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير مسگانو آريگا وفاقي گادي واري شهر ۾ اي??وپ??ا جي سفارتخاني جو افتتاح ڪيو. ان موقعي تي پنهنجي خطاب ۾ اي??وپ??ا جي پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير مسگانو آريگا چيو ته اي??وپ??ا پاڪستان سان واپار ۽ سيڙپڪاري سميت سمورن شعبن ۾ لاڳاپن کي مضبوط ڪرڻ جو خواهشمند آهي. مسگانو آريگا پاڪستان اچڻ تي شاندار استقبال جي لاءِ پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام جا ٿورا مڃيا. هن چيو ته اي??وپ??ا ۽ پاڪستان جي وچ ۾ ڊگها ۽ پراڻا دوستاڻا لاڳاپا ??ائ?? آهن. هن ان يقين جو اظهار ڪيو ته اسلام آباد ۾ سفارتخاني جي ا??تتاح سان ٻنهي م??ڪن جي وچ ۾ سفارتي، سياسي، اقتصادي ۽ سماجي تعاون جي هڪ نئين تاريخ ??ائ?? ٿيندي. پاڪستان ۾ اي??وپ??ا جي سفير جمال بيڪر ان موقعي تي خطاب ڪندي چيو ته پاڪستان سان ڀائراڻا لاڳاپا اي??وپ??ا جي لاءِ فخر جوڳا آهن. ان کان اڳ مملڪتي وزير حنا رباني کر اسلام آباد ۾ اي??وپ??ا جي سفارتخاني جو افتتاح ڪيو ۽ سفارتخاني ۾ اي??وپ??ا جو جهنڊو ڦڙڪايو. ٻئي طرف پرڏيهي آفيس موجب اي??وپ??ا جي سفارتخاني جو افتتاح پاڪستان ۽ اي??وپ??ا جي وچ ۾ گڏيل تعاون کي وڌائڻ ۽ اقتصادي، ثقافتي ۽ سفارتي لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ اهم ڪردار ادا ڪندو.