لنڊن – 03 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم م??مد شهباز شريف پنهنجي برطانيا ??ي دوري جي لاءِ لنڊن پهچي ويو. لنڊن پهچڻ تي پاڪستان جي برطانيا ۾ هاءِ ڪمشنر ۽ برطانيا جي پرڏيهي وزير جي خصوصي نمائندي وزيراعظم جو استقبال ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم پنهن??ي دوري دوران برطانيا جي بادشاهه چارلس ٽئين جي تاج پوشي رسم ۾ شرڪت ڪندو. ان کانسواءِ وزيراعظم دولت مشترڪه جي ميمبر ملڪن ??ي سربراهن جي اجلاس ۾ شرڪت ڪندو. وزيراعظم بادشاهه چارلس ٽئين پاران تاج پوشي جي تقريب ۾ شرڪت جي لاءِ آيل ملڪي سربراهن جي اعزاز ۾ ٿي??دڙ دعوت ۾ شرڪت ڪندو جتي وزيراعظم جون ٻطرفيون ملاقاتون پڻ متوقع آهن. وزيراعظم پنهن??ي دوري دوران لنڊن ۾ ميان م??مد نواز شريف سان ملاقات پڻ ڪندو.